
غلام حسين مور
غلام حسين مور: مشھور ڊانسر غلام حسين مور ولد حاجي جمعو خاصخيلي، 1962ع ڌاري ڳوٺ شير لغاري، تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم انٽر آهي. هن ڊانس جي فني سکيا ماسٽر ابراهيم لچڪ کان وٺي پنھنجي فن جي شروعات 1978ع کان ڪئي. غلام حسين مور پي ٽي وي تي 1997ع ۾ عيد شو، سوالن جوابن جي پروگرام پرک ۾ پڻ حصو ورتو. پي ٽي وي تي کيس حميد هاليپوٽي متعارف ڪرايو. هي سنڌ جي مڙني شهرن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ ترڪي، دبئي، مسقط، قطر ۽ ملائيشيا ۾ بہ پنهنجو فن پيش ڪري چڪو آهي. اڄڪلھہ موهين جي دڙي مان مليل نرتڪيءَ تي پنھنجي انداز ۾ ڊانس جا انگ وجهي رهيو آهي. کيس خدمتن طور شھباز اوارد، مومل اوارڊ، ۽ ساقي اوارڊ سميت ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. سندس شاگردن ۾ روشن ناز، راشد، جاويد جبران وغيرہ قابل ذڪر آهن. هي نوڪريءَ جي سانگي ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي. کيس ٽن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي.