غلام حسين مور
غلام حسين مور: مشهور ڊانسر غلام حسين مور ولد حاجي جمعو خاصخيلي، 1962ع ڌاري ڳوٺ شير لغاري، تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم انٽر آهي. هن ڊانس جي فني سکيا ماسٽر ابراهيم لچڪ کان وٺي پنهنجي فن جي شروعات 1978ع کان ڪئي. غلام حسين مور پي ٽي وي تي 1997ع ۾ عيد شو، سوالن جوابن جي پروگرام پرک ۾ پڻ حصو ورتو. پي ٽي وي تي کيس حميد هاليپوٽي متعارف ڪرايو. هي سنڌ جي مڙني شهرن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. ان کان سواءِ ترڪي، دبئي، مسقط، قطر ۽ ملائيشيا ۾ به پنهنجو فن پيش ڪري چڪو آهي. اڄڪلهه موهين جي دڙي مان مليل نرتڪيءَ تي پنهنجي انداز ۾ ڊانس جا انگ وجهي رهيو آهي. کيس خدمتن طور شهباز اوارد، مومل اوارڊ، ۽ ساقي اوارڊ سميت ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. سندس شاگردن ۾ روشن ناز، راشد، جاويد جبران وغيره قابل ذڪر آهن. هي نوڪريءَ جي سانگي ڪوٽڙيءَ ۾ رهائش پذير آهي. کيس ٽن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد آهي.