غلام حسين مير چانڊيو: نامور شاعر غلام حسين ولد حاجي قادر بخش چانڊيو، 1936ع ڌاري ڳوٺ جنگو خان چانڊئي، وَرَ شهر، ضلعي ٺٽي ۾، 1936ع ڌاري جنم ورتو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مولوي محمد خان مان حاصل ڪيائين. تنهن کان پوءِ سنڌي ۽ عربي مولانا علي محمد زنگياڻي لڳ ميرپور ساڪرو وٽ پڙهيائين. باقي تعليم سنڌ جي وڏن دارالعلومن، دارالفيوض هاشم سجاول، مدرسه احياء العلوم دڙيلو موري، نبي سر ۽ ضلعي ٿرپارڪر جي مدرسي چونره ۾ ملڪ جي مشهور عالمن حافظ محمد خليل مولانا رسول چانڊيو'>غلام رسول چانڊيو، مولانا عبدالحق رباني، نصرپوري وٽ پڙهيو. مير غلام حسين درس نظاميءَ جو فارغ التحصيل عالم هو. پاڻ چاليهن سالن تائين سنڌ جي مختلف اسڪولن، ڪاليجن ۽ جامعات ۾ درس تدريس جا فرض سر انجام ڏنائين. هن شاعريءَ جي شروعات ننڍپڻ کان ئي ڪئي. لاڙ جي مشهور شاعر رشيد احمد ساڪرائيءَ کان متاثر ٿي ادب ۾ آيو، بعد ۾ لاڙ جي مشهور شاعر ۽ عالم، مولانا حاجي احمد ملاح کان شاعريءَ ۾ اصلاح ورتائين. شاعريءَ ۾ هن ‘مير’ تخلص استعمال ڪيو آهي. غلام حسين ‘مير’ پختي شاعر سان گڏوگڏ شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي، جن ۾ غزل، وائي، ڪافي، رباعي، بيت، مثنوي، مسدس، مخمس، مربع، مرجيح بند، ترڪيب بند، مستراد، حمد، نعت، مرثيا ۽ قصيده وغيره شامل آهن. کيس عربي، فارسي، سنڌي، هندي ۽ اردو پنجن زبانن تي عبور حاصل هو. سندس شاعريءَ ۾ مختلف زبانن ۾ تصنيفون آهن، پر گهڻي شاعري سنڌيءَ ۾ اٿس. هن شاعريءَ کان سواءِ ٻين شعبن ۾به گهڻو نڀايو. سندس قابليت جو اندازو ٺٽي جي تاريخ کي منظم شڪل ڏئي بنام مثنوي ٺٽو ۽ سنڌ جي تاريخي مقام ديبل بندر ڀنڀور جي منظوم تاريخ ‘ڀنڀور نامو’ مان لڳائي سگهجي ٿي.
غلام حسين مير چانڊئي ڊگهي بيماريءَ کانپوءِ ڇهين فيبروري 2010ع تي وفات ڪئي.