غلام حسين ٻگهيو

غلام حسين ٻگهيو

غلام حسين ٻگهيو

غلام حسين ٻگهيو: نامور محقق، اديب ۽ استاد، غلام حسين ولد محمد عثمان ٻگهيو، 9 نومبر 1966ع تي ڳوٺ آباد ٻگهيو، تعلقي وارهه، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ تعليم کاتي ۾ استاد آهي. سنڌي ادبي سنگت شاخ لاڙڪاڻي سان 1999ع کان وابسته آهي. 2008ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ضلعي رابطا سيڪريٽري لاڙڪاڻو مقرر ٿيو. انهي دوران لاڙڪاڻي ۾ ادبي سنگت جي ضلعي رابطا سيڪريٽريءَ جي حيثيت ۾ تعليمي سيمينار، ادبي شخصيتن بابت وڏا ميڙاڪا سندن ياد ۾ ڪوٺائيندو رهيو. ضلعي جي ادبي سنگت جي شاخن کي سرگرم ڪرڻ ۾ سندس وڏو هٿ رهيو ۽ شاخن جي هر پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ جو پابند رهيو. سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران 2010ع ۾ مڃتا طور شيلڊ اوارڊ ڏني. پاڻ وقت به وقت رسالن، مخزنن ۽ اخبارن ۾ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي مختلف موضوعن بابت تحقيقي مقالا ۽ مضمون لکندو رهي ٿو. سندس هڪ ڊرامو ’ڦلن مٺ‘ ڪي. ٽي. اين تي نشر ٿيو آهي. سندس هڪ ڪتاب ‘ٻگهيو قبيلو تواريخ جي آئيني ۾’ 2016ع ۾ سمبارا پبليڪيشن طرفان شايع ٿيو. پاڻ هن وقت تعليم کاتي ۾ ايڇ. ايس. ٽي طور پنهنجا فرائض سر انجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.11،09  عيسوي

نامور محقق، اديب ۽ استاد، غلام حسين ولد محمد عثمان ٻگهيو، 9 نومبر 1966ع تي ڳوٺ آباد ٻگهيو، تعلقي وارهه، ضلعي قنبر شهدادڪوٽ ۾ پيدا ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آفتاب ابڙو
ڊومڪي حڪيم عبداللطيف
نصير سومرو 2
سجاد ظهير
شمس سومرو ڊاڪٽر
حميد ابڙو
بهاري لعل ڇاٻڙيا 2
عيسيٰ ميمڻ
رشمي راماڻي
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون