غلام حيدر تمراڻي فقير

غلام حيدر تمراڻي، فقير: شاھہ جي راڳي فقير غلام حيدر ولد ڏني تمراڻي، 30 جنوري 1971ع تي ڳوٺ ميهار تمراڻي، ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو. کيس شاھہ جو راڳ ورثي ۾ مليو، جو سندس حسب نسب شاھہ جي وڏي راڳيءَ خليفي تمر فقير سان ملي ٿو ۽ تمر فقير جي حوالي سان ئي هي خاندان تمراڻي سڏجي ٿو. فقير غلام حيدر 2001ع ڌاري فقير مير حسن تمراڻيءَ جي صحبت ۾ راڳ جي سکيا ورتائين. پاڻ سر ڪاموڏ، سر ديسي، سر سسئي، سر آبري، سر سھڻي ۽ سر مارئي نهايت ئي سھڻي انداز سان پيش ڪندو آهي. ان کانسواءِ شاھہ سائين جي ايجاد ڪيل ساز دنبوري وڄائڻ ۾ ڪافي مهارت رکي ٿو، شاھہ سائينءَ جي صحن تي ڳائڻ کان علاوہ هيءَ سڄي سنڌ ۾ پڻ شاھہ جي ڪلام جي نسبت سان پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. هيءُ شاھہ سائين جي درگاھہ جي صحن ۾ ٿيندڙ محفل ۾ سومر جي رات ۾ ٻين راڳين سان گڏ راڳ آلاپي درگاھہ جي ڊيوٽي ڏيندو آهي. هيءُ هن وقت پنھنجي اباڻي ڳوٺ ميهار فقير تمراڻيءَ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.01.30  عيسوي

شاهه جي راڳي فقير غلام حيدر ولد الله ڏني تمراڻي، 30 جنوري 1971ع تي ڳوٺ ميهار تمراڻي، ضلعي مٽياري ۾ جنم ورتو.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فقير منور علي دايو
ديوان موتيهار
استاد احمد علي ٻرڙو
آصف چارڻ
سينگار علي سليم
فائزا علي
سيد نور شاھہ 2
استاد صادق علي خان
ڇوٽي غلام علي خان
ٻارٽ
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون