غلام حيدر سولنگي

غلام حيدر سولنگي : اديب ۽ تعليمي ماهر حاجي غلام حيدر ولد محمد رجب سولنگي، 7 فيبروري 1935ع تي سيوهڻ ضلعي دادو (هاڻي ڄامشوري) ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم سيوهڻ مان ورتائين، مئٽرڪ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هاءِ اسڪول نوابشاھہ مان ڪيائين. بي. اي ۽ ايم. اي سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ڪيائين، کيس شروع کان وٺي ادب ۽ تدريسي پيشي سان دلچسپي هئي. اڳتي هلي استاد ٿيو. سيوهڻ، دادو، جوهي ۽ ڀان سعيدآباد جي هاءِ اسڪولن ۾ هيڊماستر ٿي رهيو. سن، سيتا ۽ ميرپورساڪري جي هاير سيڪنڊري اسڪولن جو پرنسپال ٿي رهيو، بيورو آف ڪريڪيولم ونگ ڄامشوري ۾ سبجڪيٽ اسپيشلسٽ جي حيثيت سان بہ ڪم ڪيو اٿس. ان کان سواءِ ايس. ڊي. اي. او سيوهڻ ۽ ميهڙ رهيو آهي، ضلعي دادو جو ڊي. اي. او پڻ رهي چڪو آهي. تعليم جي ترقيءَ لاءِ سدائين محنت ڪندو رهيو آهي. ادبي حوالي سان مضمون ۽ مقالا لکندو رهيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: (1) ’قيمتي قطره‘، (2) ’سڙيل لاش‘، (3) ’ڪوئل تنھنجي ڪوڪ‘، (4) ’سنڌڙي جو سڏ‘ ۽ (5) ’قلندر لعل شھباز تي چاليھہ مقالا‘ شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1935.02.07  عيسوي

اديب ۽ تعليمي ماهر حاجي غلام حيدر ولد محمد رجب سولنگي، 7 فيبروري 1935ع تي سيوهڻ ضلعي دادو (هاڻي ڄامشوري) ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آگرو عبداللطيف
جوڻيجو منصور قادر
قمر النساءَ هڪڙو
پير آف راڻيپور
اجمل بيگ مرزا
نور محمد انڍڙ
ابوبڪر شيخ
احمد شاھہ بخاري بکري
رحيم خان پرانگ
خاتمي سيد محمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون