غلام حيدر شاهه: پير غلام حيدر شاهه، شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو پندرهون سجاده نشين ٿي گذريو آهي. سندس جنم 1313هه/ 1895ع ڌاري پير ميان صاحب ڏنو شاهه جي گهر ۾ بلڙي شريف ۾ ٿيو. سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان تعليم ورتائين، جتي نامور اديب ۽ تعليمدان ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي خاص شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو. هيءُ نهايت ئي هوشيار ۽ قابل انسان هو. سندس هم ڪلاسين ۾ اي.ڪي بروهي، مير غلام علي ٽالپر، امداد علي ڀٽو، مير علي نواز وغيره قابل ذڪر آهن، جن سان سندس دوستاڻا تعلقات پڻ هئا. غلام حيدر شاهه قابليت سبب ڪجهه عرصو برصغير جي نامور عالم ۽ مفڪر مولانا ابوالڪلام آزاد جو پرسنل سيڪريٽري پڻ رهيو. 14 جون 1914ع تي والد پير ميان صاحبڏني جي وفات بعد بلڙي شاهه جي گاديءَ جو مسند نشين ٿيو. سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ‘جن سين'>جنب گذاريم جن سين’ ۾ غلام حيدر شاهه لاءِ لکيو آهي ته: “غلام حيدر شاهه سنڌ جي سجاده نشين مان پهريون ئي صاحب هو جو ميمبر لاءِ والد وانگر اميدوار بيٺو. پهرين سندس والد ميان علي بخش به محمد حسين جي سامهون، ڪائونسل آف اسٽيٽ لاءِ اميدوار طور بيٺو، پر اڪثر زميندارن ۽ ڪامورن جي زور ڀرڻ تي هٿ کنيائين.”
غلام حيدر شاهه 1926ع ۾ بمبئي ڪائونسل ۾ ميمبر چونڊيو ويو. 1936ع ڌاري سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کان پوءِ به ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1945ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. هن کي ڏسي سنڌ جي ٻين سجاده نشين کي به اسيمبلين ۾ اچڻ جو شوق پيدا ٿيو، جيڪو شوق مٽياري- هالا، بدين- گهوٽڪي وغيره تائين پکڙجي ويو. 1926ع ۾ اليڪشن ۾ جي. ايم. سيد جي هٿ کڻڻ بعد بنا مخالفت جي چونڊجي ويو. غلام حيدر شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو پهريون ميمبر هو، جو اڪثر شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي آزادانه ووٽ ڪندو هو. هو سنڌ جي وڏن مهمان نوازن ۾ شمار ٿيندو هو. سندس شاعريءَ ڏانهن به لاڙو هو. هن انگريزي، سرائڪي، فارسي، بلوچي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي. غلام حيدر شاهه شاعريءَ ۾ ’قنبر ڪريمي‘ تخلص استعمال ڪندو هو. کيس ٽي پٽن جو اولاد ٿيو، جن مان سندس وڏو پٽ شاهه ڪريم بلڙيءَ جي درگاهه جو گادي نشين آهي. غلام حيدر شاهه 22 جولاءِ 1973ع تي وفات ڪئي.