غلام حيدر شاھہ: پير غلام حيدر شاھہ، شاھہ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو پندرهون سجادہ نشين ٿي گذريو آهي. سندس جنم 1313ھہ/ 1895ع ڌاري پير ميان صاحب ڏنو شاھہ جي گهر ۾ بلڙي شريف ۾ ٿيو. سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان تعليم ورتائين، جتي نامور اديب ۽ تعليمدان ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي خاص شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو. هيءُ نهايت ئي هوشيار ۽ قابل انسان هو. سندس هم ڪلاسين ۾ اي.ڪي بروهي، مير غلام علي ٽالپر، امداد علي ڀٽو، مير علي نواز وغيرہ قابل ذڪر آهن، جن سان سندس دوستاڻا تعلقات پڻ هئا. غلام حيدر شاھہ قابليت سبب ڪجهہ عرصو برصغير جي نامور عالم ۽ مفڪر مولانا ابوالڪلام آزاد جو پرسنل سيڪريٽري پڻ رهيو. 14 جون 1914ع تي والد پير ميان صاحبڏني جي وفات بعد بلڙي شاھہ جي گاديءَ جو مسند نشين ٿيو. سائين جي. ايم. سيد پنھنجي ڪتاب ‘جن سين'>جنب گذاريم جن سين’ ۾ غلام حيدر شاھہ لاءِ لکيو آهي تہ: “غلام حيدر شاھہ سنڌ جي سجادہ نشين مان پهريون ئي صاحب هو جو ميمبر لاءِ والد وانگر اميدوار بيٺو. پهرين سندس والد ميان علي بخش بہ محمد حسين جي سامهون، ڪائونسل آف اسٽيٽ لاءِ اميدوار طور بيٺو، پر اڪثر زميندارن ۽ ڪامورن جي زور ڀرڻ تي هٿ کنيائين.”
غلام حيدر شاھہ 1926ع ۾ بمبئي ڪائونسل ۾ ميمبر چونڊيو ويو. 1936ع ڌاري سنڌ جي بمبئيءَ کان جدا ٿيڻ کان پوءِ بہ ميمبر چونڊيو ويو ۽ 1945ع تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. هن کي ڏسي سنڌ جي ٻين سجادہ نشين کي بہ اسيمبلين ۾ اچڻ جو شوق پيدا ٿيو، جيڪو شوق مٽياري- هالا، بدين- گهوٽڪي وغيرہ تائين پکڙجي ويو. 1926ع ۾ اليڪشن ۾ جي. ايم. سيد جي هٿ کڻڻ بعد بنا مخالفت جي چونڊجي ويو. غلام حيدر شاھہ سنڌ اسيمبليءَ جو پهريون ميمبر هو، جو اڪثر شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي آزادانہ ووٽ ڪندو هو. هو سنڌ جي وڏن مهمان نوازن ۾ شمار ٿيندو هو. سندس شاعريءَ ڏانهن بہ لاڙو هو. هن انگريزي، سرائڪي، فارسي، بلوچي، اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪئي. غلام حيدر شاھہ شاعريءَ ۾ ’قنبر ڪريمي‘ تخلص استعمال ڪندو هو. کيس ٽي پٽن جو اولاد ٿيو، جن مان سندس وڏو پٽ شاھہ ڪريم بلڙيءَ جي درگاھہ جو گادي نشين آهي. غلام حيدر شاھہ 22 جولاءِ 1973ع تي وفات ڪئي.