غلام حيدر صديقي
غلام حيدر صديقي: سنڌ جي نامياري سياستدان، ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن مخدوم غلام حيدر ولد مخدوم ظهيرالدين صديقي 12 ذوالحج 1312هه/ 23 اپريل 1899ع تي هالا ۾ جنم ورتو. سندس اصل نالو محمد سعيد هو. هن جو تعلق صديقي قريشي خاندان سان هو. هي حضرت غوث الحق مخدوم نوح جي چوڏهين سجاده نشين مخدوم ظهيرالدين عرف ڄام جو چوٿون نمبر فرزند ۽ پنڌرهين سجاده نشين غلام محمد جو ننڍو ڀاءُ هو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي حافظ ۽ عالم وٽ ورتي، ان کانپوءِ جيد عالم مولانا شاهه محمد وٽ ڪجهه وقت پڙهيو، جنهن کانپوءِ کيس ديوبند موڪليو ويو، جتان تعليم جو مقرر ڪورس پڙهي دستاربندي ڪري موٽيو. ان بعد پنهنجو ڪاروبار سنڀالڻ لڳو. پاڻ ڪاروبار سنڀالڻ سان گڏوگڏ ادبي ۽ علمي صحبتن کي جاري رکيائين. هن پنهنجي خانداني ڪتب خاني ۾ وڏو اضافو ڪيو ۽ ٻاهران عالم گهرائي وقت بوقت نصيحت جون مجلسون منعقد ڪرائي عوام کي مستفيض ڪندو هو. پاڻ وڏن وڏن مدرسن ۽ تعليمي ادارن جي هميشه مالي مدد ڪندو رهندو هو، جيڪي اڄ تائين قائم آهن. جڏهن سنڌ بمبئيءَ کان جدا ٿي، سنڌ اسيمبلي وجود ۾ آئي ته پاڻ سياست ۾ بهرو وٺڻ لڳو. هي ابتدا کان وٺي پنهنجي آخري عمر تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو. هالا ميونسپالٽي ۽ هالا مسلم ليگ جو هميشه پريزيڊنٽ رهيو. ان دوران هي مطالعي ۾ مشغول رهيو. هن حضرت غوث الحق مخدوم نوح جي درگاهه تي هڪ عظيم الشان ورانڊو 1351هه/1932ع ۾ تعمير ڪرايو، جنهن جو ڪم 5 جمادي الاول 1351هه/ 6 سيپٽمبر 1932ع کان شروع ٿيو ۽ 3 ذوالحج 1351هه/ 30 مارچ 1933ع تي مڪمل ٿيو. هن 5 جنوري 1942ع تي هالن ۾ ’مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل قائم ڪرايا، جنهن جو سنگ بنياد وزيرِ تعليم پير الاهي بخش 20 فيبروري 1944ع ۾ رکيو. ان بعد هالن ۾ ‘سروريه اسلاميه ڪاليج’ برپا ڪرايائون، جنهن جو سنگِ بنياد پير الاهي بخش 2 مئي 1947ع تي رکيو. هن جي باري ۾ جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ‘جن سين'>جنب گذاريم جن سين’ ۾ لکي ٿو ته: مخدوم غلام حيدر طبيعت جو ماٺيڻو، پرخلوص، نهايت ئي نرم مزاج ۽ همت ڀريو انسان هو. هالا ۾ تعليم جي ڦهلاءَ لاءِ هن 5 جنوري 1942ع تي ‘مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول’ ۽ 20 جون 1951ع تي مخدوم نوح جي ياد ۾ ’سروري اسلاميه ڪاليج‘ تعمير ڪرايائين. ان کان سواءِ پاڻ ٻيا به ڪيترائي پرائمري اسڪول ۽ مدرسا تعمير ڪرايا. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ٽي ڪتاب تصنيف ڪيا، جن ۾ ‘اسلامي تصوف’ (1935ع)، ‘اسوة محمدي’ (1935ع) ۽ ‘سوانح عمري مخدوم نوح’ (1974ع) شامل آهن. پاڪستان جي قيام بعد هندستان ڇڏي ايندڙ مهاجرن کي حيدرآباد ۾ آباد ڪرائڻ ۽ انهن لاءِ کاڌخوراڪ ۽ تعليم جو انتظام ڪرڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو. مخدوم غلام حيدر صديقيءَ 9 جون 1953ع تي وفات ڪئي.
1899.04.23 عيسوي
سنڌ جي نامياري سياستدان، ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن مخدوم غلام حيدر ولد مخدوم ظهيرالدين صديقي 12 ذوالحج 1312هه/ 23 اپريل 1899ع تي هالا ۾ جنم ورتو.
1953.06.09 عيسوي
مخدوم غلام حيدر صديقيءَ 9 جون 1953ع تي وفات ڪئي.