غلام حيدر صديقي

غلام حيدر صديقي

غلام حيدر صديقي 2

غلام حيدر صديقي2: مشھور ھدايتڪار، ڊاراما نگار غلام حيدر ولد امير علي صديقي، 2 نومبر 1938ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ پيدا ٿيو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد ھيءُ ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ 1962ع ڌاري انسٽرڪٽر مقرر ٿيو. غلام حيدر جي ڊرامن سان وابستگي سٽي ڪاليج حيدرآباد ۾ پڙھڻ دوران 1955ع ڌاري ٿي. ھيءُ 1955ع کان 1958ع تائين ھن ڪاليج جي اسٽوڊنٽس يونين جو ڊراميٽڪ سيڪريٽري ٿي رھيو. 1961ع کان 1962ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي ‘يونيورسٽي ڊراميٽڪ سوسائٽي’ قائم ٿي تھ ھيءُ ان جو بنيادي سيڪريٽري رھيو. 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي شاگرد يونين جو جنرل سيڪريٽري رھيو. جنھن جا سربراھھ اي. آر. شاھھ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ھئا.
غلام حيدر صديقي 1980ع ڌاري پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس اسلام آباد ۾ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو. جنھن بعد ڪراچيءَ ۾ ساڳئي اداري ۾ ريجنل ڊائريڪٽر پڻ رھيو. غلام حيدر صديقيءَ ڪيترن ئي سنڌي فلمن ۾ ھدايتڪاري ڪئي، جن ۾ ‘گهونگهٽ لاھھ ڪنوار’ (1970ع)، ‘بادل’ (1972ع)، ‘ڌرتي دل وارن جي’ (1975ع) ۽ ‘البيلي’ قابل ذڪر آھن. ھن 1958ع ۾ رليز ٿيل سنڌي فلم پرديسي ۾ منڊڙي فقير جو ڪردار ادا ڪيو. 1962ع ۾ حيدرآباد ۾ شاھھ جون ست سورميون لکي ۽ ھدايتون ڏنائين. جنھن اسٽيج ڊرامي ڏسندڙن ۾ بيحد مقبوليت ماڻي. ھيءُ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان بھ وابستھ رھيو. ڪيترائي ڊراما لکيائين ۽ ھدايتڪار طور ڪم ڪيو. ھن سنڌي فلم ‘ڌرتي دل وارن جي’ فلم ۾ پڻ اداڪاري ڪئي. 1964ع کان 1966ع تائين ‘لنڊن اسڪول آف فلم ٽي. وي ٽيڪنڪ’ مان ٻن سالن جي ڊپلوما ڪيائين. ھن امداد حسينيءَ جي غزل ‘اسان روئي روئي’ ۾ ماڊلنگ پڻ ڪئي آھي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ (1) ننڍي کنڊ ۾ ڊرامي جي تاريخ (2008ع) قابل ذڪر آھي، جيڪو ثقافت کاتي ڇپرايو. ڌرتي ٽي. ويءَ جي شروعاتي ڏينھن ۾ اتي اسڪرپٽ ايڊيٽر رھيو. غلام حيدر گوڏن جي سور ۾ مبتلا آھي، جنھن سبب گهر تائين محدود آھي ۽ ڪراچيءَ ۾ رھائش پذير آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.11.02  عيسوي

مشھور ھدايتڪار، ڊاراما نگار غلام حيدر ولد امير علي صديقي، 2 نومبر 1938ع تي لاڙڪاڻي شھر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دراني آغا الهڏنو
پشپا ولڀ
زاهد ميراڻي
چيچن داس رائسنگهاڻي
زرياب
ٺارومل بجاج
الطاف سمو
پير شاهه ڪوثر
فاضل راهو
حڪيم مولوي عبدالستار چنو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون