غلام حيدر عالماڻي

غلام حيدر عالماڻي: ملهه پهلوان غلام حيدر عالماڻي 1962ع ۾ نوشهري فيروز ضلعي ۾ موري لڳ ڳوٺ سمندر عالماڻي ۾ ڄائو. هن پنج درجا سنڌي پرائمري اسڪول غريب آباد نوابشاهه مان پاس ڪيا، ان کانپوءِ غربت سبب وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو. هن جا وڏا بنيادي طور تي ٻهراڙيءَ جا هئا، سو هن جو اٿڻ ويهڻ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن سان گهڻو هو. هن کي ملهه وڙهڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو، ڇا ڪاڻ ته هن جي خاندان ۾ ڪيترائي ملهه پهلوان ٿي گذريا آهن. هن ان وقت جي مشهور ملهه پهلوان در محمد عالماڻيءَ کان باقاعده سکيا حاصل ڪئي، جيڪو سندس مامو هو. هن 1984ع کان باقاعده ملهه وڙهڻ شروع ڪيو. شروعات ۾ چوٿين جوڙ ۾ وڙهندو هو. ان کان پوءِ 1987ع کان ٻئي جوڙ ۾ وڙهڻ لڳو. ان کانپوءِ هي ايترو ته ملهه ۾ ڀڙ ٿي ويو، جو اڳتي هلي پهرئين جوڙ جي پهلوانن ۾ شامل ٿيو. ڪيترن ئي ملاکڙن ۾ انعام حاصل ڪيا. 1992ع ۾ آل سنڌ ملهه مقابلي ۾ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمود اي هارون کان ٽرافي ۽ پنج هزار روپيا ڪيش انعام پڻ حاصل ڪيو. 1993ع ۾ حمل فقير جي ميلي ۾ نوابشاهه جي ڊي. سي جي هٿان ٽرافي پڻ حاصل ڪئي. ساڳئي سال وزير اعليٰ سنڌ کيس ’شهباز اوارڊ‘ پڻ ڏنو ۽ 1995ع ۾ سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاهه جي هٿان ڀٽائي اوارڊ پڻ حاصل ڪيائين. غلام حيدر عالماڻي ملهه جي راند ۾ هڪ سٺي رانديگر طور سڃاتو وڃي ٿو، هن وقت نوابشاهه جي قريشي ڪالونيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ ملهه جي شوق رکندڙ رانديگرن کي سکيا پڻ ڏئي رهيو آهي.


لفظ غلام حيدر عالماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو