غلام حيدر عالماڻي

غلام حيدر عالماڻي: ملھہ پهلوان غلام حيدر عالماڻي 1962ع ۾ نوشهري فيروز ضلعي ۾ موري لڳ ڳوٺ سمندر عالماڻي ۾ ڄائو. هن پنج درجا سنڌي پرائمري اسڪول غريب آباد نوابشاھہ مان پاس ڪيا، ان کانپوءِ غربت سبب وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نہ سگهيو. هن جا وڏا بنيادي طور تي ٻھراڙيءَ جا هئا، سو هن جو اٿڻ ويهڻ ٻھراڙيءَ جي ماڻهن سان گهڻو هو. هن کي ملھہ وڙهڻ جو شوق ننڍپڻ کان ئي هو، ڇا ڪاڻ تہ هن جي خاندان ۾ ڪيترائي ملھہ پهلوان ٿي گذريا آهن. هن ان وقت جي مشھور ملھہ پهلوان در محمد عالماڻيءَ کان باقاعدہ سکيا حاصل ڪئي، جيڪو سندس مامو هو. هن 1984ع کان باقاعدہ ملھہ وڙهڻ شروع ڪيو. شروعات ۾ چوٿين جوڙ ۾ وڙهندو هو. ان کان پوءِ 1987ع کان ٻئي جوڙ ۾ وڙهڻ لڳو. ان کانپوءِ هي ايترو تہ ملھہ ۾ ڀڙ ٿي ويو، جو اڳتي هلي پهرئين جوڙ جي پهلوانن ۾ شامل ٿيو. ڪيترن ئي ملاکڙن ۾ انعام حاصل ڪيا. 1992ع ۾ آل سنڌ ملھہ مقابلي ۾ سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمود اي هارون کان ٽرافي ۽ پنج هزار روپيا ڪيش انعام پڻ حاصل ڪيو. 1993ع ۾ حمل فقير جي ميلي ۾ نوابشاھہ جي ڊي. سي جي هٿان ٽرافي پڻ حاصل ڪئي. ساڳئي سال وزير اعليٰ سنڌ کيس ’شھباز اوارڊ‘ پڻ ڏنو ۽ 1995ع ۾ سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ سيد عبدالله شاھہ جي هٿان ڀٽائي اوارڊ پڻ حاصل ڪيائين. غلام حيدر عالماڻي ملھہ جي راند ۾ هڪ سٺي رانديگر طور سڃاتو وڃي ٿو، هن وقت نوابشاھہ جي قريشي ڪالونيءَ ۾ رهائش پذير آهي ۽ ملھہ جي شوق رکندڙ رانديگرن کي سکيا پڻ ڏئي رهيو آهي.


لفظ غلام حيدر عالماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو