غلام حيدر مرڙاڻي

غلام حيدر مرڙاڻي: هي ڪلهوڙن جو خاص خدمتگار هو. جڏهن 1196هه/ 1782ع ۾ هالاڻيءَ جي جنگ ۾ فتح ٿي، تڏهن مير فتح علي خان شاهپور چاڪر ۾ هو، پر حيدرآباد وارو قلعو فتح ٿيو هو. حيدرآباد جي قلعي کي فتح ڪرڻ لاءِ مير صاحب پنهنجي خاص سپهه سالار حاجي احمد دايي خدمتگار کي موڪليو. هوڏانهن ميان عبدالنبيءَ طرفان غلام حيدر مرڙاڻي ۽ شالمين شيدي حيدرآباد جي قلعي جي حفاظت لاءِ مقرر هئا. ٻه سال حاجي احمد قلعي کي گهيريو بيٺو هو ۽ شڪست نه مڃي. اهو ڏسي غلام حيدر مرڙاڻي ۽ شالمين شيدي ڏاڍا پريشان ٿيا. اناج جو ذخيرو ختم ٿيڻ تي هو. قلعي ۾ اندر پَڪ سِري تجر هئي. جنهن کي بارودخانو چوندا هئا. جنهن ۾ بارود موجود هوندو هو ۽ اها تجر قلعي جي ديوار جي بلڪل نزديڪ هئي. ‘فريئر نامه’ جو مصنف مير يار محمد خان لکي ٿو ته، “غلام حيدر مرڙاڻي جيڪو ميان عبدالنبيءَ جو خاص نوڪر هو، تنهن باورد خاني کي باهه ڏني. جنهن کان تجر سڙي خاڪ ٿي وئي ۽ بارود جي سڙڻ سان ڏاڍا ڌماڪا ٿيا، قلعي وارن توڙي حاجي احمد جي لشڪر اهو سمجهيو ته شايد زلزلو اچي ويو آهي. غلام حيدر مرڙاڻي بارود کي باهه ڏئي اهڙو ته ڌماڪو ڪيو، جو قلعي جي اڀرندي پاسي واري ڀت ڪِري پئي ۽ مير فتح علي خان جو موڪليل لشڪر اندر گهڙي پيو ۽ اهڙي طرح قلعو فتح ٿي ويو. حاجي احمد خدمتگار قلعو فتح ٿيڻ کانپوءِ غلام حيدر مرڙاڻي ۽ شالمين شيدي ٻنهي کي مير فتح علي خان وٽ پيش ڪيو. مير فتح علي هنن ٻنهي غلام حيدر مرڙاڻي ۽ شالمين شيدي کي ڦاهيءَ جي سزا ڏني.


لفظ غلام حيدر مرڙاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو