غلام حيدر فقير تيرهيو: غلام حيدر ٿيٻو 1810ع ڌاري درگاهه شاهه شريف، تعلقي گهوڙاٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. هن سنڌيءَ سان گڏ عربيءَ جي تعليم پڻ حاصل ڪئي. هن گهڻو وقت سير سفر ۾ گذاريو. سنڌ کان ٻاهر ڪاٺياواڙ تائين ويو ۽ جهوناڳڙهه لڳ گرنار جبل تي چلا ڪڍيائين انهيءَ ڪري کيس ‘غلام حيدر فقير گرناري’ ڪري سڏيو ويو. هي سيد قنبر علي شاهه ڀاڏائيءَ جو مريد ٿيو ۽ پوءِ اُن وٽ ئي گذارڻ لڳو. هن اُتي شعر چوڻ جي تربيت پڻ حاصل ڪئي ۽ شعرن ۾ پنهنجو تخلص ‘تيرهيو’ استعمال ڪرڻ لڳو. تيرهيو انهيءَ باز کي چئبو آهي، جنهن جي پڇ ۾ تيرهن کنڀ هجن، اڪثر باز ٻارهيا هوندا آهن، يعني انهن جي پڇ ۾ ٻارهن کنڀ هوندا آهن. ‘تيرهيو’ باز ڪو ڪو هوندو آهي ۽ اهو شڪار ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هوندو آهي. هن قنبر علي شاهه جي وفات کانپوءِ ‘گنڀالي’ کي ئي هميشه لاءِ پنهنجو ماڳ بڻايو ۽ باقي عمر پنهنجي مرشد جي چئني فرزندن سان ارادت ۽ عقيدت ۾ گذاريائين. 1890ع ۾ سنڌي بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل ڪلام ’رسالو حيدري سنڌي‘ جي نالي سان ڇپيو. غلام حيدر فقير، 90 سالن جي عمر ۾ 1900ع ڌاري گنباني ۾ وفات ڪئي.