غلام رسول انصاري

غلام رسول انصاري: نامور اداڪار ڊاڪٽر غلام رسول انصاريءَ جو تعلق لاڙڪاڻي شهر سان هو. پيشي جي لحاظ کان ڏندن جو ڊاڪٽر هو. هيءُ 1926ع ۾ قائم ڪيل ‘الهلال اميچوئر ڊرامائٽڪ سوسائٽي لاڙڪاڻي’ جو ميمبر ۽ اداڪار هو. هن اداڪاريءَ جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. سندس مشهور اسٽيج ڊرامن ۾ شيرين فرهاد، ليليٰ مجنون، سسئي پنهون وغيره قابل ذڪر آهن. هن اسٽيج ڊرامن ۾ مختلف روپ ڌاري اداڪاري ڪئي. سندس اداڪاريءَ عيوض انگريز ڪليڪٽر کيس دونالي بندوق ۽ لونگي انعام طور ڏني. غلام رسول انصاريءَ 1957ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو