غلام رسول خاموش

غلام رسول خاموش

غلام رسول خاموش

غلام رسول ’خاموش‘: ليکڪ ۽ مترجم غلام رسول ’خاموش‘ ولد رئيس محمد حسن لُنڊ جو جنم 1932ع ڌاري، رڻ جي ڪنڌيءَ لڳ، شيخاڻي گهاڙي، تعلقي ۽ ضلعي بدين ۾ ٿيو. سندس ڳوٺ جي اتر اولھه طرف شھيد دودي سومري جي آخري آرامگاھہ ’روپا ماڙي‘ ۽ اولھه طرف ٿوري مفاصلي تي يوسف فقير جتي ستي جي درگاھہ آهي. ڏکڻ طرف ڪڇ جو رڻ (هن وقت سمنڊ جو حصو) آهي. غلام رسول جو حسب نسب شيخاڻي گهاڙي جي مشھور بزرگ يوسف فقير جتي ستي سان ملي ٿو. هِن پنھنجي ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ڦلھڏيون (سانگهڙ) ۽ هاءِ اسڪول ٽنڊي باگي مان حاصل ڪئي. ان بعد تعليم کاتي ۾، سانگهڙ اندر پرائمري استاد طور ڪم ڪيو. ڪجهہ وقت کان پوءِ تعليم کاتي کي خيرباد چئي، هُو حيدرآباد منتقل ٿيو. ادب سان دلچسپي سبب، عبرت اخبار ۾ مختلف عھدن تي ڪم ڪندي هن جا ڪيترائي مضمون ۽ ڪالم مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا. انگريزن خلاف شھيد سورهيه بادشاھہ جي جدوجھد ۽ حُر تحريڪ بابت سندس لکڻيون اهم آهن.کيس انگريزي، فارسي، اردو، سنڌي ۽ ٻين مقامي ٻولين تي دسترس حاصل هئي. ڳوٺ سڌار اڪيڊمي ٽنڊي ڄام مان تربيت حاصل ڪرڻ کانپوءِ مڪاني کاتي ۾ ملازمت ڪندي، 1997ع ڌاري، چيف آفيسر جي عھدي تان رٽائرڊ ٿيو ۽ بدين ۾ رهائش اختيار ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’سنڌڙي تنھنجا شھر ۽ ڳوٺ وسن‘ ۽ ’اعتبار ڪريو يا نہ‘ (ترجمو) شامل آهن. 07 جنوري 2015ع تي بدين ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو