غلام رسول رند
غلام رسول رند، پهلوان: پهلوان غلام رسول رند 1940ع ۾ ڳوٺ نور محمد رند تعلقي ۽ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. پاڻ زراعت کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ هو. نهايت سادو، سٻاجهو ۽ نيڪ سيرت انسان هو. وڏو زور آور ۽ سگهو مڙس هو. ڪيترائي پهلوانيءَ جا ڪرتب ڏيکاريائين. پهلوانيءَ سبب عوام ۾ ڪافي مقبول ٿيو.گهوٽڪي شهر ۾ ايس. ڊي. ايم طرفان راندين جي مقابلن جو هفتو ملهايو ويندو هو جنهن ۾ پڃري کڻڻ، ويٽ لفٽنگ، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ملهه وڙهڻ وغيره جا مقابلا ڪرايا ويندا هئا. اهڙي ئي هڪ مقابلي ۾ ايس. ڊي. ايم هڪ وڏو چڪرو گهرايو، جيڪو سيمنٽ، لوهه ۽ پٿر جو ٺهيل هو، جنهن جو وزن 26 مڻ هو، جنهن کي پنهنجي سگهه جي آڌار تي کڻي ٻئي هنڌ اڇلايو.ساڳئي هنڌ تي 375 ميسي ٽريڪٽر تي زور آزمائي پڻ ڪيائين. مهيسري اسٽيشن جي لڳ ريل گاڏي ڪري پئي. ريل جي انجڻ جي سرائي جا ڦيٿا لائين تي رهجي ويا. پهلوان غلام رسول اتان کان پنهنجي ڳوٺ طرف وڃي رهيو هو. ڏٺائين ته گينگ جا ويهارو کن ماڻهو زور ڏئي رهيا هئا، پر ڦيٿن کي چوري نه پئي سگهيا. تڏهن هن ماڻهن کان ٽوال وٺي ڳنڍ ٻڌائي ڪلهو ڏيئي ڦيٿن کي اتان چوري لائين جي ڀرسان رکيائين. درگاهه لعل پير جي ميلي ۾ سندس 3 مڻ کنيل پڃري اڄ ڏينهن تائين ڪير به کڻي نه سگهيو آهي. بيماري جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر کيس زور لڳائڻ کان منع ڪئي هئي، جو کيس جيري جي بيماري هئي. نيٺ جيري ۽ يرقان جي بيماريءَ سبب آگسٽ 1988ع ۾ وفات ڪيائين. ڳوٺ فريد ملڪ ۾ يار شاهه نورشاهه قبرستان ۾ مدفون آهي. پاڻ 2 شاديون ڪيائين، جن مان کيس اٺ پٽ ۽ پنج نياڻيون اٿس.