غلام رسول رند

غلام رسول رند

غلام رسول رند پهلوان

غلام رسول رند، پهلوان: پهلوان غلام رسول رند 1940ع ۾ ڳوٺ نور محمد رند تعلقي ۽ ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ڄائو. پاڻ زراعت کاتي ۾ فيلڊ اسسٽنٽ هو. نهايت سادو، سٻاجهو ۽ نيڪ سيرت انسان هو. وڏو زور آور ۽ سگهو مڙس هو. ڪيترائي پهلوانيءَ جا ڪرتب ڏيکاريائين. پهلوانيءَ سبب عوام ۾ ڪافي مقبول ٿيو.گهوٽڪي شھر ۾ ايس. ڊي. ايم طرفان راندين جي مقابلن جو هفتو ملهايو ويندو هو جنهن ۾ پڃري کڻڻ، ويٽ لفٽنگ، ڪوڏي ڪوڏي ۽ ملھہ وڙهڻ وغيرہ جا مقابلا ڪرايا ويندا هئا. اهڙي ئي هڪ مقابلي ۾ ايس. ڊي. ايم هڪ وڏو چڪرو گهرايو، جيڪو سيمنٽ، لوھہ ۽ پٿر جو ٺهيل هو، جنهن جو وزن 26 مڻ هو، جنهن کي پنھنجي سگهہ جي آڌار تي کڻي ٻئي هنڌ اڇلايو.ساڳئي هنڌ تي 375 ميسي ٽريڪٽر تي زور آزمائي پڻ ڪيائين. مهيسري اسٽيشن جي لڳ ريل گاڏي ڪري پئي. ريل جي انجڻ جي سرائي جا ڦيٿا لائين تي رهجي ويا. پهلوان غلام رسول اتان کان پنھنجي ڳوٺ طرف وڃي رهيو هو. ڏٺائين تہ گينگ جا ويهارو کن ماڻهو زور ڏئي رهيا هئا، پر ڦيٿن کي چوري نہ پئي سگهيا. تڏهن هن ماڻهن کان ٽوال وٺي ڳنڍ ٻڌائي ڪلهو ڏيئي ڦيٿن کي اتان چوري لائين جي ڀرسان رکيائين. درگاھہ لعل پير جي ميلي ۾ سندس 3 مڻ کنيل پڃري اڄ ڏينهن تائين ڪير بہ کڻي نہ سگهيو آهي. بيماري جي پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر کيس زور لڳائڻ کان منع ڪئي هئي، جو کيس جيري جي بيماري هئي. نيٺ جيري ۽ يرقان جي بيماريءَ سبب آگسٽ 1988ع ۾ وفات ڪيائين. ڳوٺ فريد ملڪ ۾ يار شاھہ نورشاھہ قبرستان ۾ مدفون آهي. پاڻ 2 شاديون ڪيائين، جن مان کيس اٺ پٽ ۽ پنج نياڻيون اٿس.


هن صفحي کي شيئر ڪريو