غلام رسول شاهه قادري: غلام رسول قادري چوڏهين صدي هجريءَ/ ويهين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ ڪراچيءَ آيو هو. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي ديني تعليم جو شيدائي هو. ستن ورهين جي ڄمار ۾ ان وقت جي بزرگ ۽ ولي الله حضرت حمزه القادري البغدادي رح جي نظر مٿس پئجي ويئي. پاڻ غلام رسول قادريءَ جي والد شاهه محمد قادريءَ کي چيائين ته ’غلام رسول هاڻي اسان جو ٿي ويو ۽ اسان کيس سرڪار غوث الثقلين جي تعليمي جماعت ۾ شامل ڪريون ٿا. اهو چئي پنهنجي تسبيح مبارڪ معصوم ٻار جي ڳچيءَ ۾ وڌائين. جڏهن هوش سنڀاليائين ته مدرسه قادريه عليه صدر ڪريميءَ ۾ ابتدائي تعليم لاءِ داخلا ورتائين، جتي سندس والد خطيب هو. والد جي نگر انيءَ ۾ ستن سالن جي عمر ۾ قرآن پاڪ پڙهي پورو ڪيائين ۽ ٿوري وقت بعد حافظ پڻ ٿي ويو. دلي لڳاءُ سبب هن ڪيترن ئي ديني معاملن تي عبور حاصل ڪري ورتو ۽ ڪيترن ئي علمائن، صوفين ۽ درويشن جي صحبت ۾ رهي گهڻو ڪجهه پرايائين. بعد ۾ بزرگن ۽ اوليائن جي مزارن جون زيارتون ڪرڻ جي خيال سان اسلامي ملڪن جو سفر ڪرڻ جو سعيو ڪيائين. انهيءَ سفر جي سلسلي ۾ پاڻ بغداد ۽ حرمين شريفين وڃي ڪجهه وقت گذاريائين.
پاڻ سيدنا خواجه معين الدين چشتيءَ جو مداح هو. غلام رسول جن بزرگانِ دين کان فيض حاصل ڪيو، تن ۾ ڪيترائي ملڪي ۽ غير ملڪي عالم ۽ اولياءَ شامل آهن. ڪيترن ئي بزرگن کيس خطاب عطا ڪيا جن ۾ ’شمس الفقراء، نقيب الاولياءُ‘ وغيره آهن جن سان کيس اڄ بھ ياد ڪيو وڃي ٿو. پاڻ سڄي ڄمار نه صرف دين جي تبليغ ڪيائين. پر غريبن، محتاجن، يتيمن ۽ دردمندن جي دلجوئي ڪرڻ ۾ گذاريائين. ڪراچي شهر ۾ اسلام جي ڦهلاءُ جي سلسلي ۾ پاڻ پتوڙي تنظيمون قائم ڪري مجلسون ميلاد جون محفلون ۽ ٻين تقريبن جو انتظام ڪيائين.
نقيب الاولياءُ حضرت غلام رسول، شاهھ، جمادي الاول 1371هه/ 1951ع ۾ اربع جي ڏينهن وفات ڪئي. سندس ئي تعمير ڪرايل مسجد قادري سولجر بازار ۾ سندس مقبرو آهي، جتي هزارهين عقيدتمند هر سال 18 جمادي الاول تي سندس عرس ملهائين ٿا.