غلام رسول شاھه1
غلام رسول شاھه1: مشھور قانوندان ۽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد جو اڳوڻو پرنسپال غلام رسول شاھھ ولد حاجي الله بخش، 1923ع ڌاري مٽياري شھر ۾ پيدا ٿيو. سندس واسطو مٽياريءَ جي سيدن جي شاخ عيسيٰ پوٽا سان ھو. غلام رسول شاھھ ابتدائي تعليم پنھنجي شھر مان مڪمل ڪرڻ بعد بي. اي، ايل. ايل. بي سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. ھن وڪالت جي شروعات حيدرآباد کان ڪئي. ذھانت ۽ قابليت سبب پنھنجو نالو ڪڍيائين. حيدرآباد سنڌ لا ڪاليج جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان ترقي ڪري پروفيسر ۽ بعد ۾ 1980ع ڌاري ڪاليج جو پرنسپال مقرر ٿيو. جتي 1985ع تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. ڪجهھ وقت ڊين فئڪلٽي آف لا طور بھ خدمتون سرانجام ڏنائين.
غلام رسول 1986ع ۾ رٽائر ٿيو. پاڻ ٻھ ڀيرا سنڌ لا ڪاليج جو اعزازي پرنسپال رھيو. غلام رسول شاھھ روٽري ڪلب حيدرآباد جو سرگرم ميمبر پڻ ھو. کيس پنھنجي ذاتي لائبرري پڻ ھئي. جنھن ۾ سنڌي ادب کان سواءِ انگريزي ۽ اڙدوءَ جا مختلف موضوعن تي سوين ڪتاب پڻ ھئا. ھن 1990ع ڌاري انگريزي اخبار ڊان، ماھوار انگريزي رسالي ھيرالڊ ۾ پڻ لکيائين. ان کان سواءِ سنڌي اخبار روزاني ‘خادم وطن’ ۾ ‘يادگيريون’ جي سري سان سندس ھفتيوار مضمون پڻ شايع ٿيا. ھن زمينداري پڻ ڪئي. سندس خدمتن جي اعتراف طور انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران ‘سيد غلام رسول شاھھ ڪارنر’ قائم ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ پنج سئو پنجاھھ ڪتاب، فوٽو ۽ سندس لکيل مضمون شامل آھن. غلام رسول شاھھ 12 فبروري 1996ع تي وفات ڪئي.