غلام رسول شاھہ قادري

غلام رسول شاھہ قادري: غلام رسول قادري چوڏهين صدي هجريءَ/ ويهين صدي عيسويءَ جي شروع ۾ ڪراچيءَ آيو هو. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي ديني تعليم جو شيدائي هو. ستن ورهين جي ڄمار ۾ ان وقت جي بزرگ ۽ ولي حضرت حمزہ القادري البغدادي رح جي نظر مٿس پئجي ويئي. پاڻ غلام رسول قادريءَ جي والد شاھہ محمد قادريءَ کي چيائين تہ ’غلام رسول هاڻي اسان جو ٿي ويو ۽ اسان کيس سرڪار غوث الثقلين جي تعليمي جماعت ۾ شامل ڪريون ٿا. اهو چئي پنھنجي تسبيح مبارڪ معصوم ٻار جي ڳچيءَ ۾ وڌائين. جڏهن هوش سنڀاليائين تہ مدرسہ قادريه عليہ صدر ڪريميءَ ۾ ابتدائي تعليم لاءِ داخلا ورتائين، جتي سندس والد خطيب هو. والد جي نگر انيءَ ۾ ستن سالن جي عمر ۾ قرآن پاڪ پڙهي پورو ڪيائين ۽ ٿوري وقت بعد حافظ پڻ ٿي ويو. دلي لڳاءُ سبب هن ڪيترن ئي ديني معاملن تي عبور حاصل ڪري ورتو ۽ ڪيترن ئي علمائن، صوفين ۽ درويشن جي صحبت ۾ رهي گهڻو ڪجهہ پرايائين. بعد ۾ بزرگن ۽ اوليائن جي مزارن جون زيارتون ڪرڻ جي خيال سان اسلامي ملڪن جو سفر ڪرڻ جو سعيو ڪيائين. انهيءَ سفر جي سلسلي ۾ پاڻ بغداد ۽ حرمين شريفين وڃي ڪجهہ وقت گذاريائين.
پاڻ سيدنا خواجہ معين الدين چشتيءَ جو مداح هو. غلام رسول جن بزرگانِ دين کان فيض حاصل ڪيو، تن ۾ ڪيترائي ملڪي ۽ غير ملڪي عالم ۽ اولياءَ شامل آهن. ڪيترن ئي بزرگن کيس خطاب عطا ڪيا جن ۾ ’شمس الفقراء، نقيب الاولياءُ‘ وغيرہ آهن جن سان کيس اڄ بھ ياد ڪيو وڃي ٿو. پاڻ سڄي ڄمار نہ صرف دين جي تبليغ ڪيائين. پر غريبن، محتاجن، يتيمن ۽ دردمندن جي دلجوئي ڪرڻ ۾ گذاريائين. ڪراچي شھر ۾ اسلام جي ڦهلاءُ جي سلسلي ۾ پاڻ پتوڙي تنظيمون قائم ڪري مجلسون ميلاد جون محفلون ۽ ٻين تقريبن جو انتظام ڪيائين.
نقيب الاولياءُ حضرت غلام رسول، شاهھ، جمادي الاول 1371ھہ/ 1951ع ۾ اربع جي ڏينهن وفات ڪئي. سندس ئي تعمير ڪرايل مسجد قادري سولجر بازار ۾ سندس مقبرو آهي، جتي هزارهين عقيدتمند هر سال 18 جمادي الاول تي سندس عرس ملهائين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو