غلام رسول شڪارپوري

غلام رسول شڪارپوري : مولانا غلام رسول ولد خليفو پير محمد 3 مارچ 1863ع تي شڪارپور ضلعي ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم قاضي سيد بھادر علي شاھہ لودين کان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ خليفي پير محمد چشتيءَ جي مريدي اختيار ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ نواب سخي مدد خان جي جامع مسجد جو پيش امام ۽ خطيب ٿي رهيو، ان کان سواءِ حڪمت جو ڌنڌو بہ ڪندو هو. مولانا غلام رسول کي علم ادب ۽ شعر شاعريءَ سان بہ گهري دلچسپي هئي. پاڻ قديم سنڌي نظم ۾ ٽي ڪتاب لکيائين، جن ۾: ‘نتبيه المسلمين’، ‘معراج نامہ’ ۽ ‘ميلاد نامہ’ شامل آهن. ان کان سواءِ شاعري جو مجموعو ‘مجموعه ڪلام هاشم’ قابل ذڪر آهي، جنهن ۾ سنڌي ۽ سرائڪيءَ کان سواءِ فارسي ڪلام بہ شامل آهي. پاڻ شاعريءَ ۾ تخلص ‘هاشم’ استعمال ڪندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1863.03.03  عيسوي

مولانا غلام رسول ولد خليفو پير محمد 3 مارچ 1863ع تي شڪارپور ضلعي ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعتزاز احسن
پاٽائي محمد طاهر بن يوسف
عبدالرزاق گهانگهرو ڊاڪٽر
جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي
حافظ رفيق احمد انڍڙ
ڀرگُو
اسماعيل چانڊيو
تسنيم احمد صديقي
شيخ نوريو
زرينه حسين ناريجو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون