غلام رسول فقير
غلام رسول فقير: رسول فقير'>غلام رسول فقير جو جنم 1958ع ۾ ڊٻ چانڊيا، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد مٺل مڱڻهار جي گهر ۾ ٿيو. هارمونيم جي سکيا استاد لعل بخش خان ٻوڌر کان ورتائين، جڏهن ته گائيڪيءَ جي سکيا غلام حسين ميراڻي ڀان سيدآباد واري کان ورتائين. هن شروعات ۾ ڪجهه وقت ڳايو، پر پوءِ هارمونيم ۽ ڍولڪ ۾ آل رائونڊر ميوزيشن طور ڪم ڪندو رهيو. هن صنم مارويءَ جي راڳ ۾ شروعاتي تربيت پڻ ڪئي. اسلام آباد، لاهور، شاهه عبداللطيف، قلندر لال شهباز، سچل سرمست ڪانفرنس کان علاوه پي. ٽي. وي جي چئني سينٽرن تي هارمونيم جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي. سنڌ راڳي ويلفيئر ايسوسئيشن جو ميمبر ۽ عهديدار پڻ آهي. هن وقت الشفيق ڪالوني نزد سبزي منڊي نئون پل، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي.