مولانا غلام رسول مهر
غلام رسول مهر، مولانا: مشهور تاريخ نويس، صحافي ۽ سياستدان، مولانا غلام رسول مهر، 15 اپريل 1895ع ۾ جالنڌر ضلعي جي ڳوٺ ڦول پور ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ کمبرا (جالنڌر) مان ورتي ۽ انگريزي تعليم مشن هاءِ اسڪول جالنڌر شهر مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ اسلاميه ڪاليج لاهور ۾ پڙهيو. پڙهائيءَ دوران هن هندستان جي سياست ۾ بهرو وٺڻ کان سواءِ قومي معاملن تي مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي اخبار زميندار ۾ ڇپبا هئا. لاهور ۾ ئي سندس ملاقات علامه شبلي نعماني ۽ نواب وقارالملڪ ڪنبوهه سان ٿي، جيڪي علي ڳڙهه مسلم يونيورسٽيءَ جا ميمبر هئا. انهيءَ دور ۾ هن علامه اقبال کي انجمن حمايت الاسلام جي سالياني ڪانفرنس ۾ پنهنجا شعر پڙهندي ٻڌو.
مولانا غلام رسول مهر ڪجهه عرصو حيدرآباد دکن ۾ ملازمت ڪئي. 1947ع ۾ هو پاڪستان لڏي آيو ۽ لاهور ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هن صحافت جو آغاز زميندار اخبار کان ڪيو ۽ پوءِ مولانا عبدالمجيد سالڪ سان گڏ روزانه ‘انقلاب’ اخبار ڪڍيائين. انهيءَ اخبار سان ايستائين وابسته رهيو، جيستائين 1949ع ۾ انهيءَ اخبار تي بندش پئي. اخبار بند ٿيڻ کانپوءِ باقي عمر تصنيف ۽ تاليف کي ڏنائين. هن مذهب تاريخ، سياست، تهذيب ۽ تمدن، ادب ۽ سيرت نگاريءَ تي سؤ کان مٿي ڪتاب لکيا. هن کي غالب تي اٿارٽي سمجهيو ويندو هو.
هن سنڌ جي تاريخ تي به شاندار ڪم ڪيو آهي. سندس ڪتاب ‘تاريخ ڪلهوڙا دور’ (اردو) سنڌ جي تاريخ تي اهم ڪتاب آهي، جنهن کي پوءِ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپايو. آخري وقت ۾ هن ‘مهر بيتيءَ’ جي نالي سان پنهنجي آتم ڪٿا لکي، جنهن کي محمد حمزه فاروقيءَ ترتيب ڏئي لاهور مان ڇپايو. انهيءَ ڪتاب کي هن پنهنجي پٽ فاروق ارشد شاهين ۽ ڌي منيرا علويءَ جي نالي ڪيو آهي. پاڻ 76 ورهين جي عمر ۾ 16 نومبر 1971ع تي وفات ڪري ويو. سندس ڪجهه ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
تاريخ ڪهوڙا (ٻن جلدن ۾)، طبقاتِ ناصري (ترتيب)، خطوطِ غالب (ترتيب)، سرودِ رفته، سيد احمد خان شهيد، سرگذشتِ مجاهدين، جماعت مجاهدين، اسلامي مملڪت و حڪومت- بنيادي اصول (ترجمو)، اسلام اور قانون، جنگ و صلح (ترجمو)، جزيه اور اسلام (ترجمو)، فهرست ملفوظاتِ گيلاني، تاريخ پاڪستان و هند، نوائي سروش (مڪمل ديوان غالب مع شرح)، ديوان غالب عڪسي، غالب، مطلب ضربِ ڪليم (اقباليات)، مطلب بانِ درا (اقباليات)، مطلب اسرار و رموز (اقباليات)، مطلب بالِ جبريل (اقباليات)، انسائيڪلوپيڊيا تاريخ عالم (جلد 1، 2 ۽ 3)، تاريخ تهذيب (جلد 1 ۽ 2)، سڪندراعظم (ترجمو)، تاريخ لبنان (ترجمو)، تاريخ شام (ترجمو)، قسطنطنيه (ترجمو)، ڪتابين ني دنيا بدل ڊالي (ترجمو)، هٽلر ڪا عروج و زوال (حصه اول، دوئم ۽ سوئم: ترجمو)، خود اعتمادي بڙهائيي (ترجمو)، نقشِ آزاد (1914ع کان 1936ع تائين ابوالڪلام آزاد جا خط)، تبرڪات آزاد (مولانا آزاد جا مقالا ۽ مضمون)، رسولِ رحمت (مولانا آزاد، ترجمو) ۽ انبياء ڪرام (مولانا آزاد: ترجمو).
1895.04.15 عيسوي
مشهور تاريخ نويس، صحافي ۽ سياستدان، مولانا غلام رسول مهر، 15 اپريل 1895ع ۾ جالنڌر ضلعي جي ڳوٺ ڦول پور ۾ ڄائو.
1971.11.16 عيسوي
مولانا غلام رسول مهر 76 ورهين جي عمر ۾ 16 نومبر 1971ع تي وفات ڪري ويو.