مولانا غلام رسول مهر

مولانا غلام رسول مهر

غلام رسول مھر مولانا

غلام رسول مهر، مولانا: مشھور تاريخ نويس، صحافي ۽ سياستدان، مولانا غلام رسول مهر، 15 اپريل 1895ع ۾ جالنڌر ضلعي جي ڳوٺ ڦول پور ۾ ڄائو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ کمبرا (جالنڌر) مان ورتي ۽ انگريزي تعليم مشن هاءِ اسڪول جالنڌر شھر مان حاصل ڪئي. ان کان پوءِ اسلاميہ ڪاليج لاهور ۾ پڙهيو. پڙهائيءَ دوران هن هندستان جي سياست ۾ بھرو وٺڻ کان سواءِ قومي معاملن تي مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي اخبار زميندار ۾ ڇپبا هئا. لاهور ۾ ئي سندس ملاقات علامہ شبلي نعماني ۽ نواب وقارالملڪ ڪنبوھہ سان ٿي، جيڪي علي ڳڙھہ مسلم يونيورسٽيءَ جا ميمبر هئا. انهيءَ دور ۾ هن علامہ اقبال کي انجمن حمايت الاسلام جي سالياني ڪانفرنس ۾ پنهنجا شعر پڙهندي ٻڌو.
مولانا غلام رسول مھر ڪجهہ عرصو حيدرآباد دکن ۾ ملازمت ڪئي. 1947ع ۾ هو پاڪستان لڏي آيو ۽ لاهور ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هن صحافت جو آغاز زميندار اخبار کان ڪيو ۽ پوءِ مولانا عبدالمجيد سالڪ سان گڏ روزانہ ‘انقلاب’ اخبار ڪڍيائين. انهيءَ اخبار سان ايستائين وابستہ رهيو، جيستائين 1949ع ۾ انهيءَ اخبار تي بندش پئي. اخبار بند ٿيڻ کانپوءِ باقي عمر تصنيف ۽ تاليف کي ڏنائين. هن مذهب تاريخ، سياست، تھذيب ۽ تمدن، ادب ۽ سيرت نگاريءَ تي سؤ کان مٿي ڪتاب لکيا. هن کي غالب تي اٿارٽي سمجهيو ويندو هو.
هن سنڌ جي تاريخ تي بہ شاندار ڪم ڪيو آهي. سندس ڪتاب ‘تاريخ ڪلهوڙا دور’ (اردو) سنڌ جي تاريخ تي اهم ڪتاب آهي، جنهن کي پوءِ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شوري ترجمو ڪري سنڌيءَ ۾ ڇپايو. آخري وقت ۾ هن ‘مھر بيتيءَ’ جي نالي سان پنھنجي آتم ڪٿا لکي، جنهن کي محمد حمزہ فاروقيءَ ترتيب ڏئي لاهور مان ڇپايو. انهيءَ ڪتاب کي هن پنھنجي پٽ فاروق ارشد شاهين ۽ ڌي منيرا علويءَ جي نالي ڪيو آهي. پاڻ 76 ورهين جي عمر ۾ 16 نومبر 1971ع تي وفات ڪري ويو. سندس ڪجهہ ڪتابن جو وچور هيٺ ڏجي ٿو:
تاريخ ڪهوڙا (ٻن جلدن ۾)، طبقاتِ ناصري (ترتيب)، خطوطِ غالب (ترتيب)، سرودِ رفته، سيد احمد خان شهيد، سرگذشتِ مجاهدين، جماعت مجاهدين، اسلامي مملڪت و حڪومت- بنيادي اصول (ترجمو)، اسلام اور قانون، جنگ و صلح (ترجمو)، جزيہ اور اسلام (ترجمو)، فهرست ملفوظاتِ گيلاني، تاريخ پاڪستان و هند، نوائي سروش (مڪمل ديوان غالب مع شرح)، ديوان غالب عڪسي، غالب، مطلب ضربِ ڪليم (اقباليات)، مطلب بانِ درا (اقباليات)، مطلب اسرار و رموز (اقباليات)، مطلب بالِ جبريل (اقباليات)، انسائيڪلوپيڊيا تاريخ عالم (جلد 1، 2 ۽ 3)، تاريخ تھذيب (جلد 1 ۽ 2)، سڪندراعظم (ترجمو)، تاريخ لبنان (ترجمو)، تاريخ شام (ترجمو)، قسطنطنيه (ترجمو)، ڪتابين ني دنيا بدل ڊالي (ترجمو)، هٽلر ڪا عروج و زوال (حصه اول، دوئم ۽ سوئم: ترجمو)، خود اعتمادي بڙهائيي (ترجمو)، نقشِ آزاد (1914ع کان 1936ع تائين ابوالڪلام آزاد جا خط)، تبرڪات آزاد (مولانا آزاد جا مقالا ۽ مضمون)، رسولِ رحمت (مولانا آزاد، ترجمو) ۽ انبياء ڪرام (مولانا آزاد: ترجمو).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1895.04.15  عيسوي

مشهور تاريخ نويس، صحافي ۽ سياستدان، مولانا غلام رسول مهر، 15 اپريل 1895ع ۾ جالنڌر ضلعي جي ڳوٺ ڦول پور ۾ ڄائو.


1971.11.16  عيسوي

مولانا غلام رسول مهر 76 ورهين جي عمر ۾ 16 نومبر 1971ع تي وفات ڪري ويو.



صحافي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي محمد شيخ
برڪاتي مسعود احمد
اشرف جروار
فقير محمد لاشاري
لطف علي دَل
شيخ نظر محمد بسمل
علي شير آفريدي
عبدالغفور سيتائي
در محمد ڪمال
فاروق سومرو
صحافي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون