غلام رسول چانڊيو

غلام رسول چانڊيو

غلام رسول چانڊيو

غلام رسول چانڊيو: نامور قومپرست اڳواڻ، لطيف شناس، سماج سڌارڪ ۽ ٽي وي اينڪر غلام رسول ولد الھڏنو چانڊيو، پھرين سيپٽمبر 1971ع تي پير ذاڪري، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ پيدا ٿيو. ھن ابتدائي تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول سڪرنڊ، مئٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول سڪرنڊ، انٽر گورنمينٽ ڪاليج سڪرنڊ مان ڪرڻ بعد سياسيات ۽ بين الاقوامي تعلقات ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ماسٽرس ڪيائين. ھن 13 آگسٽ 1993ع تي ‘سچوا’ تنظيم جو بنياد وڌو. جنھن جو پاڻ چيئرمئن مقرر ٿيو. جنھن جي پليٽفارم تي چانڊيا قبيلي جي ماڻهن کي منظم ڪرڻ سان گڏ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين تي ڀرپور آواز اٿاريائين. ٽنڊو بھاول سانحي ڪيس ۾ سچوا جي پليٽ فارم تان ڀرپور جدوجھد ڪيائين. بعد ۾ قبيلائي سوچ وارن نقصانن کي سمجهڻ کان پوءِ 2001ع ۾ سچوا کي ختم ڪري سنڌ قومي ويلفيئر ايسوسيئيشن (سقوا) جو بنياد وڌائين. پوءِ سنڌ صوفي موومينٽ جوڙيائين. رسول چانڊيو'>غلام رسول چانڊيو اٺ ڀيرا جسقم جي جيئمسٽ ڪائونسل جو ميمبر ۽ مرڪزي باڊي ۽ ڪلچرل ونگ جو چيئرمئن رھيو. ھيءُ بشير خان قريشيءَ جو ويجهو ساٿي رھيو. سندس شھادت بعد سياست کان ھميشھ لاءِ پاسيرو ٿي ويو. غلام رسول لکڻ جي شروعات 1987ع ڌاري ڪئي. سندس ھزارين مضمون ۽ مقالا مختلف اخبارن ۾ ڇپيل آھن. ھن لطيف سائينءَ جي فڪر کي سمجهڻ لاءِ سوين تحقيقي مقالا لکيا آھن. ھيءُ شاھھ لطيف بابت مختلف پروگرامن ۾ ليڪچر پڻ ڏيندو رھيو آھي.
غلام رسول سنڌ ٽي. وي تي ‘اوطاق’ ۽ ‘سنڌ ٽي وي ڳوٺ ڳوٺ ۾’ پروگرام پيش ڪندو رھي ٿو. ان کان سواءِ ڊاڪيومينٽري پروگرام ‘تاريخ جي گمنام گهٽين مان’، ‘انڪشاف’ ۽ ‘اعتراف’ سميت ڪيترائي ٽاڪ شو ڪيائين. ھن وقت ڳوٺاڻن مسئلن تي ‘وستي وستي’ پروگرام سنڌ ٽي وي تي ھلندڙ آھي. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازم آھي.


لفظ غلام رسول چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1971.09.01  عيسوي

نامور قومپرست اڳواڻ، لطيف شناس، سماج سڌارڪ ۽ ٽي وي اينڪر غلام رسول ولد الھڏنو چانڊيو، پھرين سيپٽمبر 1971ع تي پير ذاڪري، تعلقي سڪرنڊ، ضلعي شھيد بينظير آباد ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

دارا-I
ڄام علي شير سمو
صالح بن عبدالرحمــٰن
عمراڻي فضل محمد پروفيسر
پتافي بهاءُ الدين بهائي مولوي
خدابخش فقير
ڀڳت سنگهه
راڻڪ ديوي
رازي فخرالدين
بصرالدين سيوهاڻي حڪيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون