غلام رسول ڪلھوڙو

غلام رسول ڪلھوڙو

غلام رسول ڪلھوڙو

غلام رسول ڪلھوڙو: نامور ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار، شاعر ۽ طنز مزاح جو ليکڪ، غلام رسول ولد محمد صادق ڪلهوڙو، 3 جنوري 1941ع ڌاري ڳوٺ جهلي ڪلواڙي، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليمي قابليت ايم. اي، ايم. ايڊ ھئي. ان کان سواءِ اسپيشل ايجوڪيشن ۾ ايڊنبرا اسڪاٽلينڊ مان ڊپلوما پڻ ڪيائين. غلام رسول پنھنجي عملي زندگيءَ جي شروعات تعليم کاتي ۾ استاد طور ڪئي. ھيءُ 1964ع ۾ سنڌي ادبي سنگت، جيڪب آباد جو سيڪريٽري رھيو. ان کان سواءِ مختلف عھدن تي رھيو. غلام رسول ڪلهورو نوڪريءَ سانگي جيڪب آباد ۾ رھندو ھو. غلام رسول لکڻ جي شروعات ڪاليج واري زماني کان ڪئي. سندس لکڻيون مختلف ادبي رسالن توڙي اخبارن ۾ ڇپجنديون رھيون. ھن مزاح کان سواءِ ڪھاڻي، شاعري، ناوليٽ وغيره پڻ لکيا. سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾: ‘ويريون ۽ لھرون’ (مزاحيھ ڪھاڻيون) 1969ع، ‘سنڌي ڪھاڻيون’، ‘زندگي ھڪ مرڪ’ (1991ع) ۽ ‘آئينو ۽ تصوير’ (مزاحيھ ڪھاڻيون ۽ مضمون: 2002ع) قابل ذڪر آھن. پاڻ اسپيشل ايجوڪيشن سکر جي اسڪول مان پرنسپال جي حيثيت سان 2002ع ۾ رٽائر ٿيو. ھن طنز ۽ مزاح کان سواءِ سنجيده ڪھاڻيون، مضمون ۽ ڪالم پڻ لکيا. ناوليٽ بھ لکيائين. شاعريءَ ۾ نثري نظمن تي بھ طبع آزمائي ڪيائين. ھن 30 جون 2013ع تي وفات ڪئي. سندس اولاد جيڪب آباد ۾ رھائش پذير آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1941.01.03  عيسوي

نامور ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار، شاعر ۽ طنز مزاح جو ليکڪ، غلام رسول ولد محمد صادق ڪلهوڙو، 3 جنوري 1941ع ڌاري ڳوٺ جهلي ڪلواڙي، ضلعي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو.


2013.06.30  عيسوي

غلام رسول ڪلھوڙي 30 جون 2013ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خادم حسين لاکير ڊاڪٽر
علي اظهار
ظفر حسن
زائر نظام
شاهد احمد دهلوي
سندري پرچاڻي سوني ڊاڪٽر
انيس گل عباسي
قلندر شاهه لڪياري
روپ ڪمار گھايل
شاهه بليغ الدين
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون