غلام رضا بيگ مرزا: نامور ليکڪ ۽ اديب مرزا غلام رضا ولد فريدون بيگ 1842ع ڌاري حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. پاڻ شمس العلماءَ قليچ بيگ جو وڏو ڀاءُ هو. ڪجهه عرصي تائين حيدرآباد ۾ فارسيءَ جو استاد رهيو، پوءِ ميرپورخاص ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ ميرن جو استاد مقرر ٿيو. ڪجهه عرصي بعد ڊپٽي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مقرر ٿيو. شاعري ۽ موسيقيءَ سان دلي لڳاءُ هئس. هن علم منطق جي موضوع تي ‘مفتاح القلب’ جي نالي سان ڪتاب لکيو، جيڪو 1871ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب ۾ منطقي اصول قاعدن مطابق سمجهايا اٿس. هن 1895ع ۾ وفات ڪئي.