غلام سرور عباسي

غلام سرور عباسي: مشهور وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن غلام سرور ولد رسول بخش عباسي 31 آڪٽوبر 1931ع تي ڳوٺ وڏو واهڻ، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ ڪنيا، تعلقي ڏوڪريءَ ۾، سيڪنڊري تعليم ڳوٺ پٺاڻ تعلقي باقراڻي مان ، مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان 1951ع ۾ بي. اي سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان 1955ع ۾ پاس ڪيائين ۽ ايل.ايل.بي 1957ع ۾ سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچيءَ مان پاس ڪري ساڳئي سال حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪيائين. والد جي وفات سبب حيدرآباد ڇڏي واپس ڳوٺ وڏي واهڻ آيو، جتي خانداني معاملا سنڀالڻ لڳو ۽ اتي ئي وڪيل غلام علي عباسيءَ جي رهنمائيءَ سان سيپٽمبر 1958ع کان لاڙڪاڻي ۾ وڪالت شروع ڪيائين. ڪجهه عرصي بعد لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جو ميمبر ٿيو. 1978ع ۽ 1979ع ۾ ٻه دفعا بار ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. 1986ع ۽ 1993ع ۾ ٻه دفعا ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻي جو صدر به چونڊيو ويو. ان کان علاوه سماجي ڪمن ۾ به حصو ورتائين. ٻه ڀيرا يونين ڪائونسل پٺاڻ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1958ع ۾ ڳوٺ سڌار پراجيڪٽ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين، جنهن دوران علائقي ۾ ڪيترائي سماجي ڪم ڪرايائين. 1961ع ۾ لاڙڪاڻو ڪوآپريٽو ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جو ميمبر ٿيو، جتي لاڙڪاڻو ڪاليج آف ڪامرس ۽ اڪنامڪس شروع ڪيو. ڪوآپريٽو ايجوڪيشن سوسائٽيءَ جو 1970ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي ۽ جنرل سيڪريٽري چونڊيو، جنهن دوران هن لاڙڪاڻي ۾ لٽل فوڪس انگلس ميڊيم اسيڪول کوليو، جيڪو بعد ۾ 1972ع ۾ حڪومت قومي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. 1970ع ۽ 1971ع ۾ روٽري ڪلب لاڙڪاڻي جو ميمبر پوءِ جنرل سيڪريٽري ۽ صدر بڻيو. 1975ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو ميمبر ٿي برانچ قائم ڪيائين ۽ ان جو 1986ع تائين پهريون صدر رهيو. 1983ع کان 1988ع تائين مفت ايوننگ ڪلينڪ شيوا منڊلي پاڙي ۾ کولرايائين، جنهن جي سهائتا يونيسيف ڪئي. لاڙڪاڻو ڪميونٽي ڊيولپمنٽ پروجيڪٽ جو 1981ع کان 1993ع تائين صدر چونڊيو ويو، هن ڇوڪرين لاءِ ووڪيشنل سينٽر کوليو، جنهن ۾ 400 ڇوڪرين کي سلائي ۽ ڀرت جي تربيت ڏني وئي. 1983ع کان 1991ع تائين سنڌ پراونشل ڪوآپريٽو بئنڪ ڪراچيءَ جو ڊائريڪٽر رهيو. 1988ع کان 1992ع تائين پراونشل ڪوآپريٽو يونين سنڌ جو ڊائريڪٽر ۽ 1979ع کان اڄ تائين وليد ايگريڪلچر ڪوآپريٽو سوسائٽيءَ لميٽڊ جو چيئرمين آهي. پيپلز لائرز فورم جو صدر ٿيو ۽ اليڪشن ڪرائي مڌرس ٽرسٽ جي بورڊ آف ٽرسٽيز جو ميمبر ۽ 2002ع کان ريهبليٽشن سينٽر (معذور ٻارن جي اداري) جي مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي. کيس سماجي خدمتن جي مڃتا طور 1990ع ۾ سوشل ويلفيئر ڪائونسل طرفان اوارڊ ڏنو ويو. ان کان علاوه هن هندستان جو دورو پڻ ڪيو جنهن ۾ اين.سي.ايس.سي آف پاڪستان جي وفد جي قيادت ڪئي. اهڙيءَ طرح غلام سرور عباسي سڄي زندگي سماجي ڪمن ۽ انساني همدرديءَ ۾ گذاري آهي. کيس سماجي، علمي ۽ ادبي ڪمن جي مڃتا طور ڪيترا اوارڊ، شيلڊون ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. هن وقت اسلام آباد ۾ رهي ٿو.


لفظ غلام سرور عباسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1931.10.31  عيسوي

مشهور وڪيل ۽ سماجي ڪارڪن غلام سرور ولد رسول بخش عباسي 31 آڪٽوبر 1931ع تي ڳوٺ وڏو واهڻ، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پيٽراعظم
حاجي غلام عباس شاهه باجارا
طريل تاج محمد
عالي فقير ڀاڳت
شيخ عمر شهاب الدين سهروردي
عطا محمد خان ٽالپر مير
شفيق احمد مهيسر ميان
استاد بخشو خان
جاحظ1
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون