غلام سرور فقير
غلام سرور فقير: نامور شاعر ۽ صحافي غلام سرور ولد نور محمد قادري، 10 جنوري 1886ع تي لاڙڪاڻي شهر ۾ پيدا ٿيو. غلام سرور فقير ذات جو ڄام هو. خاندان جي نسبت سان قادري فقير سڏيو ويندو هو. سندس تعليم سنڌي فائنل هئي. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد مدرسه اسڪول لاڙڪاڻي ۾ پرائمري استاد مقرر ٿيو. ٽريننگ لاءِ حيدرآباد ٽريننگ ڪاليج ويو، جتان 1907ع ۾ ٽريننگ پوري ڪيائين. جنهن بعد ساڳئي اسڪول ۾ هيڊماستر مقرر ٿيو ۽ ترقي ڪري اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل آفيسر مقرر ٿيو.
هن فارسي شاعريءَ جي ابتدائي تعليم پنهنجي چاچي غلام محمد ‘گدا’ کان ورتي، جيڪو پڻ پنهنجي وقت جو نامور شاعر هو. کيس ننڍي هوندي کان شاعريءَ جو شوق هو. تنهن ڪري ڪيترين ئي ادبي سرگرمين ۾ حصو ورتائين. علامه آءِ آءِ قاضي 1925ع ۾ ‘پوئٽري سوسائٽي’ قائم ڪئي ته ان ۾ لاڙڪاڻي واري شاخ جو روح روان هو. هن شاعريءَ جي شروعات 1904ع ڌاري ڪئي. پهريان ‘حنيف’ تخلص اختيار ڪيائين، بعد ۾ ‘فقير’ سان شاعري ڪيائين. 1919ع ۾ انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس'>آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس خيرپورميرس جي موقعي تي منعقد ٿيل مشاعري ۾ ‘فقير’ لاڙڪاڻي شهر جي نمائندگي ڪئي. 1921ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پهرين آل سنڌي ادبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ سندس به اهم ڪردار رهيو. 1922ع ۾ هن لاڙڪاڻي مان قادريه پرنٽنگ پريس مان هفتيوار ‘الحقيقت’ اخبار جاري ڪئي. ان اخبار تي غلام عباس ‘جوشي’ جو نالو بطور ايڊيٽر لکيل هوندو هو، پر ايڊيٽر جو سارو ڪم فقير سنڀاليندو هو. پاڻ سرڪاري ملازم هئڻ ڪري پنهنجو نالو بطور ايڊيٽر ڪونه ڏيندو هو. هن 1925ع ۾ ٻي ڪل ادبي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ به شرڪت ڪئي. پير علي محمد راشدي غلام سرور ‘فقير’ لاءِ لکي ٿو ته: “بطور شاعر نهايت پخته گو تسليم ڪيو ويندو هو. مزاحيه قصيدن ۽ اردو طرز جي پارسي آميز سنڌي غزلن لکڻ ۾ وڏو ملڪو حاصل هوندو هوس.” پير حسام الدين لکي ٿو ته: “نواز علي نياز کان سواءِ لاڙڪاڻي جي مشاعري جو ٻيو مکيه شاعر غلام سرور ’فقير‘ هو، جنهن کي گهڻي ۾ گهڻو داد ملندو هو ۽ غزل سٺو چوندو هو.” ميمڻ عبدالمجيد پنهنجي مقالي ’لاڙڪاڻي شهر جا شاعر‘ ۾ چوي ٿو ته: “سنڌ ۾ عروضي شاعريءَ کي غلام سرور فقير جي هٿان وڏي ترقي حاصل ٿي. فقير ڪيترا سٺا نظم به لکيا آهن.”غلام سرور فقير، 28 نومبر 1932ع تي وفات ڪئي. سندس مرتئي تي نامور شاعر هدايت علي تارڪ نجفي قطعه تاريخ لکي. سندس هڪ پٽ نامور اديب ڊاڪٽر اياز علي قادري قابل ذڪر آهي. اياز قادري ‘غزل جي اوسر'>سنڌي غزل جي اوسر’ جي عنوان تي پي. ايڇ. ڊي ٿيسز پنهنجي والد کي ارپنا ڪئي آهي.