غلام سرور، ڊاڪٽر: محقق ۽ استاد ڊاڪٽر غلام سرور جو جنم 1909ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ايم.اي (فارسي) ۾ امتحان پاس ڪري تدريسي شعبي سان لاڳاپجي ويو. هن علي ڳڙھہ يونيورسٽيءَ مان ‘اسمٰعيل صفوي’ جي موضوع تي مقالو لکي ڪري پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. هن مختلف يونيورسٽين ۾ تدريسي خدمتون انجام ڏنيون. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ هي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ فارسي شعبي جو صدر ٿي رهيو. هن فارسي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ‘تاريخ شاھہ اسماعيل صفوي’، ‘فهرست مخطوطات ڪتب خانہ اُچ گيلاني’، ‘تاريخ طهماسپ صفوي’، ‘تاريخ ايران قديم’، ‘تاريخ ادبيات ايران’، ‘تاريخ ادبيات فارسي در پاڪستان’ (جلد پهريون)، ‘تاريخ ايران بعد از اسلام’، ‘هميشھ بھار دشرح حال و آثار ملڪ الشعراء بھار’، ‘فرخي يزدي’، ‘گلهائي بھار’، ‘سخن نو’ (ٽي جلد)، ‘حرف نو’، ‘نقش تازہ’، ‘آثار جا ويدان’، ‘افڪار جا ويدان’، ‘تاريخ زبان فارسي’، ‘جواهرالاولياء’، ‘روابطه سلاطين صفون’ ۽ ‘شاهنشاهان مغول تيموريھ’ قابل ذڪر آهن.