غلام سرور ڊاڪٽر

غلام سرور، ڊاڪٽر: محقق ۽ استاد ڊاڪٽر غلام سرور جو جنم 1909ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ ٿيو. ايم.اي (فارسي) ۾ امتحان پاس ڪري تدريسي شعبي سان لاڳاپجي ويو. هن علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ‘اسمٰعيل صفوي’ جي موضوع تي مقالو لکي ڪري پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. هن مختلف يونيورسٽين ۾ تدريسي خدمتون انجام ڏنيون. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ فارسي شعبي جو صدر ٿي رهيو. هن فارسي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا، جن ۾ ‘تاريخ شاهه اسماعيل صفوي’، ‘فهرست مخطوطات ڪتب خانه اُچ گيلاني’، ‘تاريخ طهماسپ صفوي’، ‘تاريخ ايران قديم’، ‘تاريخ ادبيات ايران’، ‘تاريخ ادبيات فارسي در پاڪستان’ (جلد پهريون)، ‘تاريخ ايران بعد از اسلام’، ‘هميشھ بهار دشرح حال و آثار ملڪ الشعراء بهار’، ‘فرخي يزدي’، ‘گلهائي بهار’، ‘سخن نو’ (ٽي جلد)، ‘حرف نو’، ‘نقش تازه’، ‘آثار جا ويدان’، ‘افڪار جا ويدان’، ‘تاريخ زبان فارسي’، ‘جواهرالاولياء’، ‘روابطه سلاطين صفون’ ۽ ‘شاهنشاهان مغول تيموريھ’ قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو