غلام سڪينه شيخ

غلام سڪينه شيخ: سنڌي ٻولي جي ڪهاڻيڪاره ۽ شاعره غلام سڪينه شيخ 3 مئي 1962ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿي. شروعاتي تعليم مقامي طرح حاصل ڪري 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان مسلم هسٽري ۽ 1989ع ۾ سنڌيءَ ۾ ايم. اي جون ڊگريون حاصل ڪيائين. سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري سنڌيءَ ۽ اردو جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. ان کان سواءِ سندس ڪتاب ‘ماڻڪ موتي لعل’ ڇپيل آهي. اڄڪلهه گورنمينٽ گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ مسلم هسٽريءَ جي شعبي ۾ اسسٽنٽ پروفيسر جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.


لفظ غلام سڪينه شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو