غلام شاهه خان ٽالپر (پهرئين) جي تجر

غلام شاهه خان ٽالپر (پهرئين) جي تجر

غلام شاهه خان ٽالپر پهرئين جي تجر

غلام شاهه خان ٽالپر (پهرئين) جي تجر: هيءَ تجر هيرآباد، حيدرآباد ۾ ميرن جا قبا (قبرستان) ۾ مير فضل علي خان ٽالپر ۽ بهرام خان ٽالپر '>مير بهرام خان ٽالپر (ٻيون) جي تجر جي اڀرندئين طرف واقع آهي. هن تجر جو داخلي دروازو ڏکڻ طرف آهي، جنهن جي ٻاهران بالڪل سامهون هڪ قبر آهي. اها قبر صرف سرن جي ٺهيل آهي ۽ مٿس ڪوبه ڪتبو لڳل ڪونهي. تجر جي اندرئين حصي ۾ ڌار ڌار ٿلهن تي چار قبرون آهن، جن مان ٽي اڇي چوني سان ۽ هڪ پيلسري پٿر جي ٺهيل آهي. انهن چئني قبرن مٿان به ڪو ڪتبو لڳل ڪونهي، مگر گمان غالب آهي ته غلام شاهه (پهرئين) جي قبر کان سواءِ باقي ٽي قبرون ٽالپر عورتن جون هونديون. تجر جي ٻاهرين ديوارن جي چوطرف نوڪدار ونگ جون کسي دريون ٺهيل آهن، مٿان ٻيڙٻنو آهي، جنهن جي مٿان محرابي ڇت ڏنل آهي. ان ڇت مٿان ڪوڻيءَ جا ٻه ابتا گل رکيل آهن. ممڪن آهي ته ڪوڻيءَ جي گلن مٿان ڪلسو به رکيل هجي، جيڪو گهڻو وقت گذرڻ سبب ڊهي ويل ٿو ڏسجي. ڇت جي چوگرد خوبصورتيءَ لاءِ ڪاشيءَ جي سرن جو هڪ پانيل ڏنل آهي، جنهن مان ڪاشيءَ جي سرن تان رنگ لهي ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه سرون پڻ ڪِري پيون آهن. ان کان سواءِ ڪافي هنڌن تان پلستر به لٿل ٿو ڏسجي. ڇت جي چئني ڪنڊن تي ٻن فوٽن جي هڪ هڪ مناري ۽ مٿان گنبذڙو ڏنل آهي. هي تجر نهايت سادي طرز جي ٺهيل آهي ۽ گهڻي وقت کان سار سنڀال نه ٿيڻ ڪري هن وقت زبون حاليءَ جو شڪار آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو