غلام شاهه سيد

غلام شاهه،سيد: صوفي شاعر ۽ بزرگ سيد غلام شاهه 1840ع ڌاري سيد شير محمد شاهه جي گهر ۾ جنم ورتو. پاڻ سيد ويڌل شاهه جو پوٽو هو. پاڻ سنڌيءَ ۾ ڪافيءَ جو قادر الڪلام شاعر هو. سندس 106 سنڌي ۽ سرائڪي ڪافيون هڪ نسخي ۾ ملن ٿيون، جيڪو نسخو قلمي صورت ۾ درگاهه شريف ٽنڊي جهانيان ۾ محفوظ آهي. سيد غلام شاهه 1928ع ۾ وفات ڪئي. سندس عرس هر سال 29 صفر تي ملهايو ويندو آهي. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
“ڪوهيارل ڪاهيندياس، جيتر جان بدن ۾ آهي،
سڪ سڄڻ کان سور سرها،
آڏو نيئي اڇلائيندياس،
ڪُل ڪيچن کي تن ۾ آهي.”


لفظ غلام شاهه سيدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو