غلام شاهه ڪلهوڙي جا تختگاهه

غلام شاهه ڪلهوڙي جا تختگاهه: ڪلهوڙن حڪمرانن مان ميان غلام شاهه ابن ميان نور محمد ڪلهوڙو نيڪ سيرت، بهادر ۽ آزادي پسند حڪمران هو. ڪن تاريخدانن کيس ڪلهوڙن جو سڀ کان قابل ۽ مدبر وڏو حاڪم ڄاڻايو آهي. سندس ڪي ڪارناما تاريخ ۾ قدر لائق آهن. جهڙوڪ ملڪ نيڪالي ملڻ کانپوءِ ٻيهر حڪومت قائم ڪرڻ ۽ پوءِ انتظام سنڀاليندي ئي عوام کي امن امان جي دولت سان مالامال ڪرڻ ۽ سرحدي حدن جي لحاظ کان سڄي سنڌ کي هڪ ڪرڻ خاص ڪم آهن. هن افغان حڪومت کي باقاعدي خراج جي رقم ادا ڪرڻ سان ملڪ جي ترقي، ملڪ واسين جي خوشحالي، نون شهرن ۽ جاين ٺهرائڻ جو بندوبست ڪيو ۽ ان سان گڏ ڪڇ تي ٻه ڪامياب حملا ڪري بسته بندر ۽ لکپت ٺڪرن کان هٿ ڪيو. دائودپوٽن کان اُچ ۽ سبزل ڪوٽ وٺي سنڌ ۾ شامل ڪيو. اهڙيءَ طرح ڪراچي ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن کي خان آف قلات کان وٺي، سنڌ جي حدن کي وسيع تر ڪيو.
ميان غلام شاهه ڪلهوڙو 1756ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ هن جي حڪومت جا ٽي دور آهن ۽ انهن ٽنهي دورن ۾ سندس تختگاهه بدلبا رهيا. جيئن ته هو فطري طرح قوم پرست، آزادي ۽ ملڪي خودمختياريءَ جو قائل ۽ ٻاهرين مداخلت جو مخالف هو. ان ڪري کيس گهڻيون تڪليفون ڏنيون ويون ۽ هو سياسي بصيرت کان ڪم وٺندي، حڪومت جا انتظامي مرڪز بدلائيندو رهيو. انهن تختگاهن ۾ الهه آباد، شاهه ڳڙهه، شاهپو 1، شاهپور 2، کاڻوٺ ۽ حيدرآباد شامل آهن.
سندس حڪومت جو پهريون تختگاهه الهه آباد هو. جڏهن هو 1170هه/ 1756ع ۾ تخت تي ويٺو، تڏهن هن مرادآباد جي ويجهو الهه آباد جو شهر ٺهرائي، ان کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. هتي غلام شاهه صرف اڍائي مهينا رهيو.
ڊسمبر 1758ع ۾ عطر خان ۽ غلام شاهه جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن موجب سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي حڪومت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. غلام شاهه پنهنجين حمايتن کي وٺي گجي ۾ آندو ۽ ان جو نالو شاهه ڳڙهه رکي، ان کي گاديءَ جو هنڌ بڻائي حڪومت ڪرڻ لڳو. شاهه ڳڙهه جي ڀرسان شاهه بندر نالي هڪ نئون بندر به ٺهرايائين. تحفة الڪرام ۾ لکيل آهي ته، غلام شاهه جو جڏهن ڀائرن سان سنڌ جي ورهاست سان اتفاق ٿيو، تڏهن هو شاهه ڳڙهه موٽيو ۽ پنهنجي حصي تان هتان ئي حڪومت هلائڻ لڳو. هي شهر فقط پنج مهينا گاديءَ جو هنڌ رهيو.
غلام شاهه جي حڪومت جو جڏهن ٽيون دور شروع ٿيو، تڏهن هن نئون تختگاهه شاهه پور اول کي اچي وسايو. جڏهن ميان عطر خان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو، تڏهن ميان غلام شاهه سڄي سنڌ جو حاڪم بڻجي ويو ۽ الهه آباد واري شهر جو نالو مٽائي شاهپور رکيائين. مير قانع لکي ٿو ته، جڏهن دشمن خواهه ملڪ جي پوري دلجاءِ ٿيس، تڏهن تاريخ 25 محرم 1173هه/ 18 سيپٽمبر 1759ع تي نئين وسايل شهر شاهپور ۾ سوڀاري ڇانوڻي هئي، شهزادي ميان سرفراز خان کي متعلقين سميت ساڪري کان گهرائي پاڻ وٽ رهايائين. شاهه پور اول اٽڪل ڇهه سال سنڌ جو دارالحڪومت ٿي رهيو. سنڌ جي قومي معاملن جون ڪيئي ڇيڙيون نبيريون هتي ٿيون. الهه آباد کان پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان ڪجهه وڌيڪ معاهدا هن شهر ۾ ٿيا، جن موجب سنڌ مان سستي اگهه تي مال خريد ڪري يورپي واپارين خوب پئسو ڪمايو، اهڙيءَ طرح سنڌ کي تجارت ۽ معيشت ۾ ڇيهو رسايو. سياسي ۽ تجارتي مرڪز کان سواءِ شاهه پور اول علم ۽ ادب جو به مرڪز هو. ڪيترائي فقير بزرگ ۽ شاعر هتي آيا. مير علي شير قانع کي هن ئي شهر ۾ ڪلهوڙن جي تاريخ لکڻ جو ڪم سونپيو ويو. سنڌ جي گاديءَ جو هي هنڌ 1175هه/ 1764ع ۾ گهڻي طوفان ۽ مٽي لڳڻ ڪري تباهه ٿي ويو. هي شهر اڄ به نصرپور جي ڀرسان شاهه پور اول جي نالي سان مشهور آهي.
جڏهن شاهپور اول تباهه ٿي ويو، تڏهن غلام شاهه، شاهه پور ثاني ٺهرائڻ جو حڪم ڪيو ۽ 1764ع ۾ ان کي پنهنجي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ بنايائين. هن شهر ۾ ئي سندس ڀاءُ عطر خان سالن جي دشمني ڇڏي اچي ساڻس مليو. هي شهر پورا چار سال 1764ع کان 1768ع تائين سنڌ جو تختگاهه ٿي رهيو. هي شهر درياهه جي ڪنڌيءَ تي هو ۽ هڪ پر رونق شهر هو. هن وقت هي شهر موري تعلقي ۾ شاهپور جهانيان جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
هڪ ٻيو شهر کاڻوٺ يا خانوٺ به غلام شاهه تعمير ڪرايو، جيڪو شايد گاديءَ جو هنڌ پئي بڻايائين، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لفظن ۾ “الهندي پاسي جبلن جي ڪنار سان خانوٺ جو شهر ٻڌايائين، پر آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾، درياهه جي ٻوڏ جو خطرو محسوس ڪري ان جو آسرو لاٿائين.” هيگ لکي ٿو ته، هي شهر ميان غلام شاهه پراڻن هالن کان، هڪ ميل ڏکڻ طرف ٻڌايو. ته هن مان معلوم ٿيو ته غلام شاهه هن شهر کي نئون دارالسطنت بنائڻ پئي چاهيو، پر پوءِ ٻوڏ جي خيال سان هتي گادي نه رکيائين. پوءِ حيدرآباد کي نئون دارالسطنت بنائن جو پڪو ارادو ڪيائين. مير علي شير قانع لکي ٿو ته، مهيني ذوالحج 1181هه/ 1767ع ۾ نيرون ڪوٽ نالي هڪ مضبوط جبل جي سرزمين تي تختگاهه بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي هئي. تنهنڪري حيدرآباد جو قلعو 1182هه/ 1768ع ۾ جڙي راس ٿيو ۽ مٿس حيدرآباد نالو رکيو ويو. ٽڪر جي مٿان شهر اڏائي رعيت کي قلعي جي حفاظت ۾ رهايائين. هي شهر سنڌ جي وچ ۾ هو، ان ڪري سموري سنڌ جو انتظام هلائڻ ۾ آساني ٿي. هاڻي ميان علام شاهه مطمئن هو ۽ پنهنجي فوجي قوت به وڌائي چڪو هو ۽ مڪمل طرح قنڌار تي حملو ڪري افغانين سان ٻه هٿ ڪرڻ پئي چاهيائين ته 12 آگسٽ 1772ع ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو