غلام شاهه، سيد: سيد غلام شاهه ولد سيد علي بخش شاهه، لطيفي راڳ جو وڏو ڄاڻو ۽ سدا ملوڪ راڳي ٿي گذريو آهي. هو شاهه لطيف جي درگاهه جي فقيرن مان دنبوري جي وڄت توڙي راڳ جي ڄاڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ تمام مهارت ۽ هنرمنديءَ سان تند وڄائيندو هو. هن راڳ جي سکيا پنهنجي استاد ۽ شاهه جي ڀلوڙ راڳي ابراهيم خاصخيليءَ کان ورتي ۽ سندس سرواڻيءَ ۾ ئي ڳائڻ جي شروعات ڪئي. ساڻس گڏ سندس جماعت يا ٽوليءَ ۾ سندس ساٿي تاجو وساڻ، عيسو فقير، يوسف فقير ٻگهيو ۽ فقير الله بچايو لنجواڻي هوندا هئا. راڳ جي انهيءَ سلسلي ۾ ابراهيم فقير جي سرواڻيءَ واري دور ۾ ڀٽ جي درگاهه تي هفتي ۾ چار راتيون آچر، سومر، اربع ۽ جمعي جي رات راڳ منعقد ٿيندو هو، جنهن ۾ سومر جي رات راڳ جي سرواڻي پير سيد غلام شاهه ڪندو هو. انهيءَ ٽوليءَ ۾ حسين شاهه، پير محمد شاهه، علي نواز شاهه، جلال فقير نظاماڻي، نور محمد شاهه ۽ احمد فقير ساڻس گڏجي ڳائيندا هئا. ابراهيم فقير خاصخيليءَ کان پوءِ راڳ جي سرواڻي سيد غلام شاهه ڪئي. هو 1957ع کان 1975ع تائين شاهه جي راڳين جو اڳواڻ رهيو. انهيءَ عرصي دوران ٻن ٽن سالن اندر (1959ع واري وقت ۾) شاهه جي راڳ چئن راتين بدران پنج راتيون ٿيڻ لڳو. ان کانپوءِ وري ڇهن ستن سالن اندر (1964ع واري وقت ۾) هفتي ۾ ڇهه راتيون راڳ ٿيڻ لڳو، جيڪو اڳتي وڌي سندس آخري دور 1974ع کان 1975ع تائين روزانو ٿيڻ لڳو. يعني هفتي جون ست ئي راتيون راڳ ٿيڻ لڳو. سيد غلام شاهه موسيقيءَ جو ماهر هو ۽ خاص ڪري شاهه جي راڳ جو وڏو ڄاڻو هو. ڪيترين ئي واين کي نئين انداز ۾ ڳائڻ جي روايت وڌائين، جيڪا بلڪل نئين انداز تي ٻڌل هئي ۽ واين جي لئه، سر ۽ تار ۾ نواڻ آندائين. سندس وقت ۾ وائيءَ جي ڳائڻ ۾ ’ٽيپ‘ ۽ ’گهور‘ جي هم آهنگي واري سٽاءُ ۾ واڌارو ٿيندو رهيو، جنهن ڪري واين ۾ نغماتي گونج وارو وڏو رس پيدا ٿيو ۽ گائڪيءَ جا سمورا گر آزمائيندي ۽ جهڙ جا ست ئي قسم نهايت سهڻي نوع ۾ نروار ڪيائين. تنهن کانسواءِ سيد يعقوب شاهه جيان پاڻ به دنبوري جي وڄت ۾ ٻن نون قسمن جي جهڙ ايجاد ڪيائين، جنهن جي وڄت هن طرح آهي:
(1) ٻه ڌڪ زبان تي، هڪ ٽيپ تي، هڪ گهور تي.
(2) هڪ ڌڪ زبان تي، ٻيو گهور تي (پر هلڪو)
نامور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاهه جو رسالو ترتيب ڪرڻ مهل ٽيهن سرن بابت غلام شاهه سيد کان مدد ورتي ۽ هن ريڊيو حيدرآباد جي پروڊيوسر غلام حسين شيخ جو مدد سان سنڌالاجيءَ ۾ سيد غلام شاهه کان شاهه جو راڳ سُر معذوري، سُر ديسي، سُر آبري، سُر سريراڳ، سر مومل راڻو، سرڍول مارو، سُر آسا، سُر ڪلياڻ، سُر ڪوهياري، سُريمن ڪلياڻ، سر ڪيڏارو، سُر ليلا چنيسر، سُر بروو سنڌي، سُر هير، سُر ڌناسري، سُر مارئي، سُر رپ، سُر سورٺ، سُر ڏهر، سُر سامونڊي، سُر حسيني، سُر پورب، سُر سهڻي، سُر سارنگ، سُر رامڪلي، سُر ڪاموڏ، سُر کنڀات ۽ سُر هندي بروو جي سرن ۾ رڪارڊ ڪرايو، جنهن ۾ نور محمد شاهه به ساڻس گڏجي ڳايو.
سيد غلام شاهه رسالي ۾ موجود سُرن جي راڳن جي روپ کي ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ شاهه صاحب جي ايجاد ڪيل دنبوري جي مختلف وڄتن تي پڻ ڪجهه وايون رڪارڊ ڪرايون. سيد غلام شاهه جي سرواڻيءَ واري عرصي ۾ ڏيهه ۽ پرڏيهه ۾ شاهه جي راڳ وڏي مشهوري ماڻي ۽ اهو سلسلو سندس وفات تائين برقرار رهيو. هن هنرمند فنڪار ۽ سدا ملوڪ راڳيءَ جمعي واري ڏينهن 3 جنوري 1976ع تي وفات ڪئي.