غلام شاھہ لغاري، نواب: نامور شاعر نواب غلام شاھہ لغاريءَ جو جنم ڳوٺ اڀپور، ضلعي سانگهڙ ۾ نواب فقير غلام ﷲ لغاري جي گهر ۾ ٿيو. هن تعليم والد کان ورتي. سندس والد اعليٰ انتظامي صلاحيت رکندو هو، جنهن جو هن تي پورو پورو اثر هو. هو شروع ۾ پنھنجي والد جو انتظامي صلاحڪار ۽ مددگار هو. والد جي وفات کانپوءِ ميرن جي دور ۾ ٿر واري پاسي اسلام ڪوٽ جو حاڪم بڻيو. تر ۾ سوڍن جي بغاوت کي ختم ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين. ٽالپر حڪمرانن جو مٿس گهڻو ويساھہ هوندو هو، 11 جنوري 1838ع تي انگريزن جو لشڪر جڏهن بند وٽان لنگهي رهيو هو تڏهن پاڻ اتي ناظم مقرر هو. انگريز ان وقت سنڌ تي قبضي جون سازشون ڪري رهيا هئا. ميرن انهن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اعليٰ آفيسرن ۽ معزز شخصيتن کي چونڊيو، جن ۾ غلام شاھہ بہ شامل هو. نومبر 1938ع ۾ انگريزن جو لشڪر شاھہ شجاع جي مدد لاءِ سنڌ ۾ داخل ٿيو تہ غلام شاھہ خريف ۾ لهندڙ سموري سرڪاري ان کي پنھنجي قبضي ۾ ڪيو پر واپارين ۽ آبادگارن کان بہ جيڪو ان ملي سگهيو اهو خريد ڪري محفوظ ڪري ڇڏيائين. نتيجي ۾ انگريزن جي لشڪر کي ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پيو. ميرنور محمد خان 1840ع ۾ وفات ڪئي. جنهن کانپوءِ غلام شاھہ مير محمد نصير خان، مير حسين علي خان ۽ مير شھداد خان جي انتظاميا ۾ بہ خاص حيثيت ۾ رهيو.1842ع ۾ مير شھداد خان کيس خاص ايلچي جي حيثيت سان سکر ۾ چارلس نيپئر سان ملڻ لاءِ موڪليو. سنڌ تي انگريزن جي قبضي بعد بہ کيس خاص اهميت حاصل رهي. انگريزن 1844ع ۾ هن جون جاگيرون بحال ڪيون ۽ ڪاردار پڻ مقرر ڪيو. جنهن تحت جيهوڪي، ڪاٺڙي، ولاسي، اڳڙي ۽ موري ۾ اٺن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏنائين. انگريز بہ هن جي گهڻي عزت ڪندا هئا. هن جو سئوٽ نواب احمد خان، مياڻي ۽ دٻيءَ جي جنگ کانپوءِ پنجاب ۾ ترسيل هو ۽ مٿس بغاوت ڪرائڻ سبب سختي ٿيل هئي، جنهن کي انگريزن کان اجازت وٺي واپس وطن وٺي آيو. نواب غلام شاھہ پنھنجي انتظامي صلاحيتن سان گڏ شاعر، اديب، حڪيم ۽ اهل دل صوفي پڻ هو. جهوڪ شريف جي فضل ﷲ شاھہ قلندر جو مريد هو، پاڻ کي ‘غلام شاھہ فقير’ ڪري لکندو هو. فقير محمد صديق ‘صوفي صادق’ سان گهڻي محبت هوندي هئي. صوفي صادق جو جڏهن ٿر جي سوڍن سان تڪرار ٿيو، تڏهن غلام شاھہ ڏانهن لکيائين، جنهن پنهنجو اثر استعمال ڪندي فساد ختم ڪرايو. صوفي صادق جو مرتب ڪيل صوفي فضل ﷲ جي ارشادات تي مبني رسالو ‘درد نامو’ هٿ سان نقل پڻ ڪيائين. ان کانسواءِ نانڪ شاھہ جو رسالو ‘نسخه سلوڪ’ پڻ نقل ڪيائين. ‘نسخه ظفرنامه’ جا چند ورق بہ نقل ڪيائين. غلام شاھہ، سلوڪ ۽ معرفت بابت فارسيءَ ۾ رسالو ‘انيس العاشقين’ لکيو، جنهن ۾ فارسي ۽ سنڌيءَ جا ڪجهہ بيت پڻ ڏنا اٿس. تصوف بابت فارسيءَ ۾ هڪ رسالو ‘غوثيه’ نالي سان لکيائين. کيس شاعريءَ سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي.
سنڌي، سرائڪي ۽ ريخته هنديءَ ۾ ڪلام پڻ چيو اٿس. سندس هٿ اکرن ۾ لکيل ڪافين جو وڏو بياض آهي، جنهن ۾ صوفي صادق، ڪرم علي کورکائي ۽ گھرام فقير جتوئي جون ڪافيون ۽ شاھہ لطيف، بھاري فقير صوفي، بنگو فقير گوپانگ جا ڪي بيت پڻ شامل آهن. ڪن ڪافين جي مٿان مختلف راڳڻين ۽ ڌنن جا عنوان پڻ ڏنل آهن. نواب غلام شاھہ 19 اپريل 1860ع تي وفات ڪئي.