غلام شاھہ لڪياريءَ جو ميلو

غلام شاھہ لڪياريءَ جو ميلو: غلام شاھہ لڪياريءَ جو ميلو هر سال 27، 28 ۽ 29 جمادالثاني مهيني ۾ تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي اندر اُٺن، ڍڳن جي واپار لاءِ وڏي پڙي لڳندي آهي. هن ميلي ۾ سنڌ جي نامور پهلوانن ۾ ملھہ جا مقابلا ٿيندا آهن. ان کان علاوہ ڀلن ڍڳن، گهوڙن ۽ اُٺن جا انعامي مقابلا ٿيندا آهن. هن ميلي ۾ سرڪس ۽ ٿيٽر پڻ لڳندا آهن. هن ميلي ۾ سڄي سنڌ کان آيل عقيدتمندن ۽ مريدن جي لاءِ لنگر جي انتظام کانسواءِ راڳ رنگ جي محفل پڻ ٿيندي آهي، جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي جا نامور فنڪار حصو وٺندا آهن. هي ميلو ضلعي بدين جي ماڻهن لاءِ تفريح جو بھترين ذريعو آهي.


لفظ غلام شاھہ لڪياريءَ جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو