غلام شاھہ ڪلهوڙي جا تختگاھہ

غلام شاھہ ڪلهوڙي جا تختگاھہ: ڪلهوڙن حڪمرانن مان ميان غلام شاھہ ابن ميان نور محمد ڪلهوڙو نيڪ سيرت، بھادر ۽ آزادي پسند حڪمران هو. ڪن تاريخدانن کيس ڪلهوڙن جو سڀ کان قابل ۽ مدبر وڏو حاڪم ڄاڻايو آهي. سندس ڪي ڪارناما تاريخ ۾ قدر لائق آهن. جھڙوڪ ملڪ نيڪالي ملڻ کانپوءِ ٻيهر حڪومت قائم ڪرڻ ۽ پوءِ انتظام سنڀاليندي ئي عوام کي امن امان جي دولت سان مالامال ڪرڻ ۽ سرحدي حدن جي لحاظ کان سڄي سنڌ کي هڪ ڪرڻ خاص ڪم آهن. هن افغان حڪومت کي باقاعدي خراج جي رقم ادا ڪرڻ سان ملڪ جي ترقي، ملڪ واسين جي خوشحالي، نون شهرن ۽ جاين ٺهرائڻ جو بندوبست ڪيو ۽ ان سان گڏ ڪڇ تي ٻہ ڪامياب حملا ڪري بستہ بندر ۽ لکپت ٺڪرن کان هٿ ڪيو. دائودپوٽن کان اُچ ۽ سبزل ڪوٽ وٺي سنڌ ۾ شامل ڪيو. اهڙيءَ طرح ڪراچي ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن کي خان آف قلات کان وٺي، سنڌ جي حدن کي وسيع تر ڪيو.
ميان غلام شاھہ ڪلهوڙو 1756ع ۾ تخت تي ويٺو ۽ هن جي حڪومت جا ٽي دور آهن ۽ انهن ٽنهي دورن ۾ سندس تختگاھہ بدلبا رهيا. جيئن تہ هو فطري طرح قوم پرست، آزادي ۽ ملڪي خودمختياريءَ جو قائل ۽ ٻاهرين مداخلت جو مخالف هو. ان ڪري کيس گهڻيون تڪليفون ڏنيون ويون ۽ هو سياسي بصيرت کان ڪم وٺندي، حڪومت جا انتظامي مرڪز بدلائيندو رهيو. انهن تختگاهن ۾ الھہ آباد، شاھہ ڳڙھہ، شاهپو 1، شاهپورکاڻوٺ ۽ حيدرآباد شامل آهن.
سندس حڪومت جو پهريون تختگاھہ الھہ آباد هو. جڏهن هو 1170ھہ/ 1756ع ۾ تخت تي ويٺو، تڏهن هن مرادآباد جي ويجهو الھہ آباد جو شھر ٺهرائي، ان کي گاديءَ جو هنڌ بڻايو. هتي غلام شاھہ صرف اڍائي مهينا رهيو.
ڊسمبر 1758ع ۾ عطر خان ۽ غلام شاھہ جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، جنهن موجب سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائي حڪومت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. غلام شاھہ پنهنجين حمايتن کي وٺي گجي ۾ آندو ۽ ان جو نالو شاھہ ڳڙھہ رکي، ان کي گاديءَ جو هنڌ بڻائي حڪومت ڪرڻ لڳو. شاھہ ڳڙھہ جي ڀرسان شاھہ بندر نالي هڪ نئون بندر بہ ٺهرايائين. تحفة الڪرام ۾ لکيل آهي ته، غلام شاھہ جو جڏهن ڀائرن سان سنڌ جي ورهاست سان اتفاق ٿيو، تڏهن هو شاھہ ڳڙھہ موٽيو ۽ پنھنجي حصي تان هتان ئي حڪومت هلائڻ لڳو. هي شھر فقط پنج مهينا گاديءَ جو هنڌ رهيو.
غلام شاھہ جي حڪومت جو جڏهن ٽيون دور شروع ٿيو، تڏهن هن نئون تختگاھہ شاھہ پور اول کي اچي وسايو. جڏهن ميان عطر خان ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو، تڏهن ميان غلام شاھہ سڄي سنڌ جو حاڪم بڻجي ويو ۽ الھہ آباد واري شھر جو نالو مٽائي شاهپور رکيائين. مير قانع لکي ٿو ته، جڏهن دشمن خواھہ ملڪ جي پوري دلجاءِ ٿيس، تڏهن تاريخ 25 محرم 1173ھہ/ 18 سيپٽمبر 1759ع تي نئين وسايل شھر شاهپور ۾ سوڀاري ڇانوڻي هئي، شھزادي ميان سرفراز خان کي متعلقين سميت ساڪري کان گهرائي پاڻ وٽ رهايائين. شاھہ پور اول اٽڪل ڇھہ سال سنڌ جو دارالحڪومت ٿي رهيو. سنڌ جي قومي معاملن جون ڪيئي ڇيڙيون نبيريون هتي ٿيون. الھہ آباد کان پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سان ڪجهہ وڌيڪ معاهدا هن شھر ۾ ٿيا، جن موجب سنڌ مان سستي اگهہ تي مال خريد ڪري يورپي واپارين خوب پئسو ڪمايو، اهڙيءَ طرح سنڌ کي تجارت ۽ معيشت ۾ ڇيهو رسايو. سياسي ۽ تجارتي مرڪز کان سواءِ شاھہ پور اول علم ۽ ادب جو بہ مرڪز هو. ڪيترائي فقير بزرگ ۽ شاعر هتي آيا. مير علي شير قانع کي هن ئي شھر ۾ ڪلهوڙن جي تاريخ لکڻ جو ڪم سونپيو ويو. سنڌ جي گاديءَ جو هي هنڌ 1175ھہ/ 1764ع ۾ گهڻي طوفان ۽ مٽي لڳڻ ڪري تباھہ ٿي ويو. هي شھر اڄ بہ نصرپور جي ڀرسان شاھہ پور اول جي نالي سان مشھور آهي.
جڏهن شاهپور اول تباھہ ٿي ويو، تڏهن غلام شاھہ، شاھہ پور ثاني ٺهرائڻ جو حڪم ڪيو ۽ 1764ع ۾ ان کي پنھنجي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ بنايائين. هن شھر ۾ ئي سندس ڀاءُ عطر خان سالن جي دشمني ڇڏي اچي ساڻس مليو. هي شھر پورا چار سال 1764ع کان 1768ع تائين سنڌ جو تختگاھہ ٿي رهيو. هي شھر درياھہ جي ڪنڌيءَ تي هو ۽ هڪ پر رونق شھر هو. هن وقت هي شھر موري تعلقي ۾ شاهپور جھانيان جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
هڪ ٻيو شھر کاڻوٺ يا خانوٺ بہ غلام شاھہ تعمير ڪرايو، جيڪو شايد گاديءَ جو هنڌ پئي بڻايائين، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لفظن ۾ “الهندي پاسي جبلن جي ڪنار سان خانوٺ جو شھر ٻڌايائين، پر آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾، درياھہ جي ٻوڏ جو خطرو محسوس ڪري ان جو آسرو لاٿائين.” هيگ لکي ٿو ته، هي شھر ميان غلام شاھہ پراڻن هالن کان، هڪ ميل ڏکڻ طرف ٻڌايو. تہ هن مان معلوم ٿيو تہ غلام شاھہ هن شھر کي نئون دارالسطنت بنائڻ پئي چاهيو، پر پوءِ ٻوڏ جي خيال سان هتي گادي نہ رکيائين. پوءِ حيدرآباد کي نئون دارالسطنت بنائن جو پڪو ارادو ڪيائين. مير علي شير قانع لکي ٿو ته، مهيني ذوالحج 1181ھہ/ 1767ع ۾ نيرون ڪوٽ نالي هڪ مضبوط جبل جي سرزمين تي تختگاھہ بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي هئي. تنهنڪري حيدرآباد جو قلعو 1182ھہ/ 1768ع ۾ جڙي راس ٿيو ۽ مٿس حيدرآباد نالو رکيو ويو. ٽڪر جي مٿان شھر اڏائي رعيت کي قلعي جي حفاظت ۾ رهايائين. هي شھر سنڌ جي وچ ۾ هو، ان ڪري سموري سنڌ جو انتظام هلائڻ ۾ آساني ٿي. هاڻي ميان علام شاھہ مطمئن هو ۽ پنھنجي فوجي قوت بہ وڌائي چڪو هو ۽ مڪمل طرح قنڌار تي حملو ڪري افغانين سان ٻہ هٿ ڪرڻ پئي چاهيائين تہ 12 آگسٽ 1772ع ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو