غلام شبير شاهه

غلام شبير شاهه: درگاهه شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڏهون گادي نشين غلام شبير شاهه ولد شاهه ڏنو شاهه، 1919ع ڌاري ڀٽ شاهه، ضلعي مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڀٽائيءَ جي فڪر کي ڦهلائڻ ۾ مشغول رهيو. کيس 1952ع ڌاري ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. هو 1969ع ڌاري ڀٽائي جو ڏهون گادي نشين ٿيو. اڪثر ڪري ڪارو ويس پائيندو هو. تاريخ، مذهب ۽ فلسفي جي کيس گهڻي ڄاڻ هئي. ڪتابن جي مطالعي جو گهڻو شوق هيس. کيس حڪمت جي به چڱي ڄاڻ هئي. شاهه جي راڳ جو ڄاڻو ۽ دنبوري وڄائڻ جو ماهر هوندو هو. اڪثر ڪري جمعي تي مريدن سان ڪچهري مقرر ٿيل هوندي هئي، جنهن ۾ تصوف، عرفان، جهد، تقوى، صبر ۽ رياضت جي موضوعن تي روشني وجهندو هو. هر مهيني جي پهرئين جمعي، پهرئين سومر، ڀٽائيءَ جي سالگرهه تي، ٻه رجب تي ۽ ميلي جي آخري ڌمال سورهين صفر تي گادي نشين جو ويس پائي مريدن ۽ ڀٽائيءَ جي عقيدتمندن کي زيارت ڪرائيندو هو ۽ ڀٽائيءَ جي پيغام جو پرچار ڪندو هو. هن 33 سالن تائين گادي نشينيءَ جا فرائض انجام ڏنا. 20 اپريل 2003ع تي وفات ڪيائين. کيس درگاهه ڀٽ شاهه جي احاطي ۾ دفنايو ويو.


لفظ غلام شبير شاههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو