غلام شبير شاھہ: درگاھہ شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڏهون گادي نشين غلام شبير شاھہ ولد شاھہ ڏنو شاھہ، 1919ع ڌاري ڀٽ شاھہ، ضلعي مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڀٽائيءَ جي فڪر کي ڦهلائڻ ۾ مشغول رهيو. کيس 1952ع ڌاري ڀٽ شاھہ ثقافتي مرڪز جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. هو 1969ع ڌاري ڀٽائي جو ڏهون گادي نشين ٿيو. اڪثر ڪري ڪارو ويس پائيندو هو. تاريخ، مذهب ۽ فلسفي جي کيس گهڻي ڄاڻ هئي. ڪتابن جي مطالعي جو گهڻو شوق هيس. کيس حڪمت جي بہ چڱي ڄاڻ هئي. شاھہ جي راڳ جو ڄاڻو ۽ دنبوري وڄائڻ جو ماهر هوندو هو. اڪثر ڪري جمعي تي مريدن سان ڪچهري مقرر ٿيل هوندي هئي، جنهن ۾ تصوف، عرفان، جهد، تقوى، صبر ۽ رياضت جي موضوعن تي روشني وجهندو هو. هر مهيني جي پهرئين جمعي، پهرئين سومر، ڀٽائيءَ جي سالگرھہ تي، ٻہ رجب تي ۽ ميلي جي آخري ڌمال سورهين صفر تي گادي نشين جو ويس پائي مريدن ۽ ڀٽائيءَ جي عقيدتمندن کي زيارت ڪرائيندو هو ۽ ڀٽائيءَ جي پيغام جو پرچار ڪندو هو. هن 33 سالن تائين گادي نشينيءَ جا فرائض انجام ڏنا. 20 اپريل 2003ع تي وفات ڪيائين. کيس درگاھہ ڀٽ شاھہ جي احاطي ۾ دفنايو ويو.