غلام شبير پيراهين

غلام شبير پيراهين

غلام شبير پيراهين

غلام شبير پيراهين: نامور1774.02.13 اديب غلام شبير ولد ڌڻي بخش پيراهين جو جنم 13 فبروري 1974ع تي ڳوٺ اختيار وسير، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم 1984ع ۾، مئٽرڪ 1989ع، انٽر 1991ع ۾، ايم. اي (سنڌي) 1997ع ۾ ڪئي. هن جو شروع کان ريڊيو جي پروگرامن ۾ حصو وٺڻ ۽ ٻڌڻ جو شوق رهيو. غلام شبير ريڊيو لسنر معلوماتي انجمن سنڌ ضلعي گهوٽڪيءَ جو ضلعي رابطه سيڪريٽري، ريڊيو پبليڪيشن جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر، وڄڻوٽ ادبي ثقافتي سوسائٽيءَ جو آڊيٽر رهيو آهي. کيس 5 آگسٽ 2002ع ۾ ضلعي پوليس ۾ نوڪري ملي. غلام شبير پيراهين جي ڇپيل ڪتابن ۾ شاهه عبداللطيف تاريخ جي آئيني ۾ (معلوماتي سوال جواب: 2008ع)، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شخصيتون ۽ درسگاهون (2015ع) قابل ذڪر آهن. غلام شبير پيراهين هڪ جاکوڙي علمي ۽ ادبي ماڻهو آهي. کيس خدمتن جي موٽ ۾ مهراڻ معلوماتي انجمن سنڌ طرفان 1995ع ۾ اعزازي سرٽيفڪيٽ، ڀٽائي معلوماتي انجمن ٺٽي پاران 1995ع ۾ اعزازي سرٽيفڪيٽ، ريڊيو پبليڪيشن ڦلجي اسٽيشن پاران 1997ع ۾ اعزازي سرٽيفڪيٽ، ريڊيو پاڪستان خيرپور پاران 1998ع ۾ اعزازي سرٽيفڪيٽ شامل آهن.


لفظ غلام شبير پيراهينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.02.13  عيسوي

اديب غلام شبير ولد ڌڻي بخش پيراهين جو جنم 13 فبروري 1974ع تي ڳوٺ اختيار وسير، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ ٿيو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسن عابدي
رُڪمڻي سندر چئناڻي
جوڻيجو سميع ساجد
موهن لعل شرما ڊاڪٽر
شمس الدين عرساڻي ڊاڪٽر
ظفر عباسي ڊاڪٽر
چاولا ارجن
اشفاق لغاري
سنڌو ميراڻي
پرم ابيچنداڻي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون