غلام صديق ابڙو فقير

غلام صديق ابڙو، فقير: صوفي شاعر غلام صديق ابڙي پهرين جنوري 1945ع تي ڳوٺ اگهم 2، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ غلام عمر ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪرڻ بعد پرائمري استاد مقرر ٿيو. نوڪريءَ جو سڄو عرصو اگهم جي پرائمري اسڪول ۾ پڙهايائين. جتان آخر ۾ هيڊماستر جي حيثيت سان رٽائر ڪيائين. شاعريءَ طرف لاڙو عشق مجازيءَ جي چوٽ لڳڻ سبب ٿيو. اڳتي هلي کيس صوفين جي صحبت عشق حقيقيءَ جي راهه ڏيکاري. پاڻ حضرت علي شاهه بغداديءَ جو مريد هو، جنهن جو هر سال 5 اپريل تي پنهنجي ڳوٺ ۾ ڏهاڙو ملهائيندو هو. پاڻ وحدت الوجود جو قائل هو، سندس شاعري ۾ تصوف جو واضح اظهار آهي. سندس صوفياڻو ڪلام ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو آهي. کيس موسيقيءَ جي چڱي ڄاڻ هوندي هئي. فقرائن جي ڪچهرين ۾ بنا سازن جي ڳائيندو به هو. هو بهترين ڪمپيئر ۽ مقرر هو. صوفي بزرگن جي پيغام سان لڳاءَ هوندو هوس، ان ڪري درگاهن تي اڪثر حاضري ڀريندو رهندو هو. فقير غلام صديق ابڙي 26 آگسٽ 2008ع تي وفات ڪئي. سندس شاعريءَ جو مجموعو ‘عشق اثبات’ جي نالي سان فقير منور علي ابڙي ۽ فقير علي اصغر ابڙي ترتيب ڏنو، جيڪو فقير غلام صديق ابڙو يادگار ڪميٽيءَ پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.01.01  عيسوي

صوفي شاعر غلام صديق ابڙي پهرين جنوري 1945ع تي ڳوٺ اگهم 2، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ غلام عمر ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو.


2008.08.26  عيسوي

فقير غلام صديق ابڙي 26 آگسٽ 2008ع تي وفات ڪئي



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرڀو وفا
دريا خان ڪلهوڙو
رضوي سيد زوار حسين شاهه
سروپچندر شاد
راضي فقير رند
سيتل داس سوامي
اياز قادري
محمد روشن ٺٽوي
چانڊيو زخمي
حيدر شاهه سيد
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون