
سومرو، غلام صديق:
غلام صديق سومرو: استاد، چترڪار، خطاط ۽ سماج سڌارڪ غلام صديق ولد غلام عباس سومري جو جنم، 8 مئي 1959ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي شھر رتيديري ۾ ٿيو. هن پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ رتيديري ۾ حاصل ڪري، 1974ع ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتيديري مان پاس ڪئي، 1976ع ۾ انٽر ۽ 1978ع ۾ بي.اي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج رتيديري مان پاس ڪيائين. ڪاليج جي تعليم دوران معاشي زندگيءَ جي شروعات محنت مزدوريءَ سان ڪيائين ۽ پن جي ٻيڙين ٻڌڻ جو هنر سکيائين، جنهن کانپوءِ ٿوري ئي عرصي ۾ هو ٻيڙين جو ڪاريگر ٿي ويو. ان دوران هن مزدور يونين فيڊريشن ۾ شموليت اختيار ڪئي، جنهن جي جلسن ۽ جلوسن ۾ اڳ کان اڳرو رهندو هو. هو 1985ع ۾ پرائمري استاد طور ڀرتي ٿيو، جيڪا ذميواري پڻ هو نهايت ايمانداريءَ سان سر انجام ڏيندو رهيو. سرڪاري نوڪري ملڻ کانپوءِ هن ٻيڙين ٻڌڻ وارو ڪم تہ ڇڏي ڏنو، پر مزدور يونين جو تاحيات ڪارڪن رهيو ۽ مزدورن جا مطالبا ۽ مسئلا مڃائڻ وقت ساڻن ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي وس وارن جا در کڙڪائيندو رهيو. غلام صديق سومري کي مصوريءَ سان لڳاءُ شروع کان ئي هو، هن پڙهائيءَ دوران اليمينٽري ۽ انٽر ڊرائنگ جا امتحان سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيا هئا، پوءِ عملي زندگيءَ ۾ آرٽسٽ جي حيثيت سان سامهون آيو، پر هن ڪڏهن بہ آرٽ کي روزگار جو ذريعو نہ بڻايو، پنھنجي شوق ۽ لگن تحت نقشا، ڊزائينون، رنگين چارٽ ٺاهيندو هو. هن ڪنهن پراڻي سنڌي اخبار تان سمن جي دور جي آڳاٽي سنڌ جي نقشي جو خاڪو هٿ ڪري، ان کي نئين سر ڊزائين ڪيو، جيڪو سندس شاهڪار فنه پارن ۾ شمار ٿئي ٿو. غلام صديق فقيري طبيعت جو مالڪ هو، جنهنڪري صوفي بزرگن شاھہ لطيف، رکيل شاھہ ۽ شاھہ عنايت جهوڪ واري جي درگاهن تي حاضري ڀريندو رهيو. صديق سومرو '>غلام صديق سومرو ’غمدل فقير ميلا ڪاميٽي رتيديري‘ جو سرگرم ڪارڪن رهيو. ادب شناس ۽ راڳ شناس هئڻ ڪري پنھنجي گهر ۾ هڪ لائبرري پڻ ترتيب ڏني، جنهن ۾ سٺن ۽ ناياب ڪتابن ۽ ناياب ڪلامن جي رڪارڊنگ جو وڏو ذخيرو موجود هو. رتيديري جو شھري هئڻ ڪري سندس شھيد بشير خان قريشيءَ سان ذاتي ۽ گهرا لاڳاپا هئا، ان حوالي سان هن قومپرست سياست ۾ پڻ حصو ورتو. غلام صديق پنھنجي سڀاءَ ۾ کِل مُک، ملڻو جلڻو ۽ محبتي انسان هو. سندس دوستيءَ جو حلقو بہ وسيع هو. هن 4 آگسٽ 2008ع تي بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب وفات ڪئي.