غلام عباس جوش
غلام عباس جوش: ناليوارو شاعر، صحافي، اداڪار غلام عباس ولد ميان دوست محمد قادري، 1904ع ڌاري لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق لاڙڪاڻي جي قادري خاندان سان هو ۽ نامور شاعر علي محمد قادريءَ جو ڀائٽيو هو. غلام عباس انگريزيءَ جا ٽي درجا تعليم مدرسي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. وڌيڪ پڙهي نه سگهيو. غلام عباس 1922ع ۾ علي محمد قادريءَ جي سرپرستيءَ ۾ نڪرندڙ هفتيوار اخبار ‘الحقيقت’ جو ايڊيٽر ٿيو. ‘قادري پرنٽنگ پريس لاڙڪاڻي’ جون سموريون ذميواريون به مٿس هيون. هيءُ سموري عمر لاڙڪاڻي جي ايڊيٽرس ايسوسيئيشن جو صدر رهيو. هيءُ شاعريءَ ۾ ‘جوش’ تخلص استعمال ڪندو هو. هن سنڌ کي بمبئيءَ کان آزاديءَ واري تحريڪ ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو ۽ ‘آزاد سنڌ جماعت’ لاڙڪاڻي جو نائب صدر رهيو. غلام عباس لاڙڪاڻي جي ميونسپل ڪميٽيءَ جو ميمبر ۽ سينيٽري ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ رهيو. مسلمانن جي تعليم جي واڌاري لاءِ قائم تنظيم انجمن فدا الاسلام لاڙڪاڻي جو سيڪريٽري به رهيو. جنهن جي پليٽ فارم تان ديني مدرسي جي نگراني پن ڪيائين. هيءُ انجمن حمايت الاسلام جو سيڪريٽري ۽ ورهاڱي کان پوءِ اربن ڪوآپريٽو بئنڪ جو چيئرمئن پڻ رهيو.
غلام عباس کي ڊرامن اسٽيج ڪرڻ جو به شوق هو. 1925ع ڌاري هن اسٽيج ڊرامن کان شروعات ڪئي. هن ‘الهلال اميچوئر ڊراميٽڪ سوسائٽي’ جو بنياد وڌو. جنهن جو صدر ۽ ڊائريڪٽر پڻ پاڻ ٿيو. سندس هدايتڪاريءَ ۾ ٿيل حشر ڪاشميري'>آغا حشر ڪاشميري، ميرزا حيرت ۽ ٻين اردو جي مشهور ڊرامانگارن جا ڊراما قابل ذڪر آهن. لاڙڪاڻي جو بزم مشاعره جو سمورو انتظام جوش وٽ هوندو هو. 1946ع ۾ ستين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي جي استقباليه ڪميٽيءَ جو چيئرمئن هو. کيس شاعري ورثي ۾ ملي. سندس شمار لاڙڪاڻي جي نامور شاعرن ۾ ٿيندو هو. هيءُ عروض جو ڄاڻو هو.
هن 26 فيبروري 1962ع تي دل جي دوري پوڻ سبب ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه لاڙڪاڻي قبرستان ۾ آهي.