مير غلام علي خان ٽالپر

مير غلام علي خان ٽالپر

غلام علي خان مير

غلام علي خان، مير: سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر اوڻيهين سيپٽمبر 1909ع تي شهر ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو. سندن خاندان سيوهڻ مان لڏي اچي ٽنڊي محمد خان ۾ آباد ٿيو هو. هن شروعاتي تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ان بعد ڪراچيءَ ۽ عليڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ پڙهيو ۽ گريجوئيشن بمبئي يونيورسٽيءَ مان ڪيائين. سياست جو آغاز ڪندي پهرين چونڊ ٽنڊي باگي جي تڪ تان وڙهيو ۽ ٻھ ڀيرا حيدرآباد لوڪل بورڊ جو ميمبر رهيو. سر غلام حسين هدايت الله جي ڪابينا ۾ پهريون صوبائي وزير ٿيو، پوءِ لاڳيتو ايوب خان جي مارشل لا تائين ڪيترائي ڀيرا صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو. ون يونٽ خلاف آواز اٿارڻ ڪري کيس گرفتار ڪري ٿر ۾ نظربند ڪيو ويو. ون يونٽ جي حمايت نه ڪرڻ ڪري ايوب خان کيس نااهل قرار ڏياريو. هو ٻه ڀيرا وزيراعلى لاءِ چونڊ وڙهيو، جنهن دوران هڪ دفعي گورنر جنرل غلام محمد کيس ايل. بي. ڊي. او قانون تحت نااهل قرار ڏياريو ۽ ٻئي دفعي يوسف هارون جي مقابلي ۾ هڪ ووٽ تان هارايو. ورهاڱي کانپوءِ هندن جي لڏپلاڻ کي روڪڻ لاءِ هندن جي درن تي لنگهي ويو. مير جا اردن جي بادشاهه حسين بن طلال، سعودي عرب جي بادشاهن سعود بن عبدالعزيز ۽ شاهه فيصل کان سواءِ پرنس ڪريم آغا خان سان گهرا دوستاڻا تعلق هئا. هن علائقي جي ماڻهن جون تمام گهڻيون خدمتون ڪيون. ٽنڊي محمد خان ۾ هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪرايائين. ان کانسواءِ ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ ڪيترن اسڪولن، اسپتالن ۽ ڪاليجن لاءِ ذاتي زمين ڏنائين. هن 19 آڪٽوبر 1963ع تي وفات ڪئي. هن جي بي لوث خدمتن جي ڪري سندس نالي سان ٽنڊي محمد خان ۾ ڊگري ڪاليج قائم آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.09.19  عيسوي

سياستدان مير غلام علي خان ٽالپر اوڻيهين سيپٽمبر 1909ع تي شهر ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو.


1963.10.19  عيسوي

مير غلام علي خان ٽالپر 19 آڪٽوبر 1963ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سيف الله ميربحر
سيد علي سرمست
ايڇ ايم خواجه
سلطان محمد مهردار
بخش علي جتوئي
عبدالجبار عبد سومرو
عالمچند ڪولهي
جعفري غلام تقي
شرت ڀڳتياڻي
پلي حاجي محمد عالم وڏيرو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون