غلام علي قاضي

غلام علي قاضي: نامور تعليمدان، شاعر ۽ سنڌي ٻولي ڪاميٽيءَ جو ميمبر قاضي غلام علي ولد قاضي محمد يحيٰ جعفري ٺٽي جو رهواسي هو. هيءُ ٺٽي شهر جو نامور عالم ۽ قانوندان هو. سندس وڏا اصل اُچ شريف جا رهاڪو هئا، جيڪي بعد ۾ ٺٽي اچي آباد ٿيا. هيءُ خاندان قاضي طور مقرر ۽ مشهور ٿيو. غلام عليءَ کي سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ انگريزي، اردو، هندي، فارسي ۽ عربي ٻولين تي پڻ عبور حاصل هو. سندس وڏا ٺٽي شهر ۾ ‘جامع مدرسو’ هلائيندا هئا، جهرڪن جي انگريز ڊپٽي ڪليڪٽر مسٽر ڪول جي سفارش تي ٽرانسليٽر مقرر ٿيو. ترقي ڪري مختيارڪار جي عهدي تي پهتو، جتان رٽائر ڪيائين. قانون جي ڄاڻ هجڻ سبب کيس خاص اجازت مليل هئي ته هو عام ماڻهن جا ڪيس ڪورٽ ۾ پيش ڪري. قاضي غلام علي 1853ع ۾عربي سنڌي صورتخطيءَ جي اصلاح واري ڪاميٽيءَ ۾ ماهر جي حيثيت ۾ کنيو ويو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘هندستان جي تاريخ’ (1854ع)، ‘دوسا ڀائي جا سنڌي جملا’ (ترجمو: 1953ع)، ‘سنڌ جي تواريخ’ (تاريخ معصوميءَ جو ترجمو: 1853ع) وغيره شامل آهن. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ‘جعفري '>ديوان جعفري ’ 1955ع ۾ سندس پونيرن سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنو، ۽ 1998ع ۾ قانون بابت لکيل ڪتاب سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ کي سندس پونيرن وڪرو ڪري ڏنا. قاضي غلام علي 1885ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو