غلام علي مداح ٺٽوي

غلام علي مداح ٺٽوي :غـــلام عـــلي ولــــد مـحـمــد مــحــســـن ٺٽوي، ”مداح“ 1145ھہ/1732ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. سندس والد طرفان هڪ سجع مصرعه ذريعي سندس تاريخ ولادت ڪڍي وئيِ، يعني: ” غلام علي بي بدل باخت“. جڏهن غلام علي شعور ۽ سمجهہ وارو ٿيو تہ هن هڪ طرف ٺٽي ۾ پنھنجي والد جي شاعريءَ جي هاڪ ٻڌي، ٻئي طرف ڏٺائين تہ سمورو شھر علم ۽ فضيلت وارن صاحبن سان ڀرپور هو. هن شعر سخن جي مشق سان گڏ عربي علمن ڏانهن بہ پورو پورو ڌيان ڏنو. عربي زبان جو چڱو فاضل عالم ٿيو. شاعريءَ ۾ مير علي شير قانع سان صحبتون رهيس. مقالات الشعراءِ جي اضافي مواد مان معلوم ٿئي ٿو تہ مير قانع ۽ ميان مداح جون طرحي مصرعن تي هميشہ طبع آزمايون ٿينديون رهيون هيون. مولوي مداح ميان سرفراز ڪلهوڙي ۽ سيد ثابت علي شاھہ (سنڌي مرثيہ جو باني) جو شاعريءَ ۽ ٻين علمن ۾ استاد هو. هُو پهريان 1165 ھہ/1751ع ۾ ٺٽي پهتو ۽ هزارين ماڻهو سندس معتقد بڻيا ۽ مريد ٿيا. ان کان پوءِ وري 1168ھہ/1754ع ۾ ٺٽي ۾ بيت ﷲ'>حج بيتتان موٽندي، ڪراچي بندر تان پنھنجي پٽ جي تاريخ ولادت تي قطعه لکي ٺٽي جي شاعرن ۾ جذبو پيدا ڪيائين تہ ڪو ٻيو بہ ان تي طبع آزمائي ڪري. مداح جا نظم ۽ نعتون، قصيدا ۽ غزليات بي شمار آهن. مگر انهيءَ خاندان جي پونئر نہ هجڻ ڪري، اڄ ناياب نظر اچن ٿا. سندس سال وفات جيتوڻيڪ پوري طرح معلوم نہ ٿي سگهيو آهي، پر مير قانع جي تصنيفن مان معلوم ٿئي ٿو تہ هو صاحب تاريخ تحفة الڪرام جي تصنيف 1182ھہ/ 1768ع تائين بہ زندہ هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو