غلام علي ميمڻ: غلام علي ميمڻ 1926ڌاري ٺٽي ۾ ڄائو. هن 1942ع ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان مئٽرڪ ۽ 1947ع ۾ ڊي.جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان قانون جو امتحان اعلى نمبرن سان پاس ڪيو. وڪالت جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ وڪالت جي پيشي سان لاڳاپجي ويو. سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان صوبائي مسلم ليگ جو جوائنٽ سيڪريٽري ۽ پاڪستان مسلم ليگ ڪائونسل جو رڪن رهيو. کيس 1975ع ۾ سنڌ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو جج ۽ سنڌ صوبي جو ائڊووڪيٽ جنرل مقرر ڪيو ويو. ان کانپوءِ اي ڪي بروهيءَ سان گڏجي وڪالت ڪيائين. هن پاڪستان جي تاريخي ۽ اهم فيصلن جي پيروي ڪئي، جن ۾ ايوب کهوڙو ڪيس، نيب ريفرنس، بيگم نصرت ڀٽو ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڦاسيءَ وارو ڪيس شامل آهن. ڪيس جي پيروي دوران زباني حوالا ڏيندو هو. ان وقت جي ججن کيس زندهه ‘انسائيڪلوپيڊيا آف لا’ جو خطاب ڏنو هو. هي نومبر 1975ع کان جولاءِ 1977ع تائين سنڌ ۾ ايڊووڪيٽ جنرل جي عهدي تي فائز رهيو. ان وقت هي ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڪيس ۾ اهم وڪيل هو. سندس اولاد تعليم يافته آهي. هڪ پٽ جسٽس شوڪت ميمڻ ۽ هڪ ڌيءَ انجنيئر ريحانه غلام علي ميمڻ (سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ P&D، حڪومت سنڌ) اهم عهدن تي رهيا آهن. هن 9 مارچ 1979ع تي وفات ڪئي.