غلام علي چنو
غلام علي چنو: نامور اديب ۽ تعليمي ماهر غلام علي چني 29 مئي 1944ع تي رازڪو ڪم ڪندڙ پورهيت محبوب علي چني جي گهر چڪ ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. 1955ع ۾ پرائمري اسڪول چڪ مان سنڌي تعليم، 1962ع ۾ مئٽرڪ ڊي. سي هاءِ اسڪول چڪ، 1964ع ۾ انٽر، 1967ع ۾ بي. اي ۽ 1970ع ۾ ايم.اي اسلاميه ڪاليج سکر مان پاس ڪيائين. ان کانپوءِ سي. ٽي، بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ جون ڊگريون پڻ حاصل ڪيائين. شاگرديءَ دوران غربت سبب چڻا ۽ کارڪون به وڪڻندو هو. مئٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ پوسٽ آفيس سکر ۾ ڪلارڪ ۽ ڊرينج اسڪارپ سکر ۾ ٽريسر ۽ فيلڊ اسسٽنٽ طور نوڪري ڪيائين. پهرين جنوري 1965ع تي پرائمري استاد مقرر ٿيو، جتان ترقي ڪندي 1967ع ۾ جي.ايس.ٽي ۽ 1978ع ۾ ايڇ. ايس. ٽي مقرر ٿيو. ادبي دنيا ۾ پير پائڻ بعد نثر ۾ غلام علي چڪوي ۽ شاعريءَ ۾ مٺل چڪويءَ جو نالو لکڻ لڳو. هن شاعريءَ جو آغاز 1974ع ۾ ڪيو، سندس ڪيترائي مضمون، مقالا ۽ ڪهاڻيون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا. شاعريءَ جي شروعات 1976ع ۾ ڪيائين. غزل، بيت، وايون، فرد، چوسٽا، مسدس ۽ مثلث ۽ ٻين صنفن تي طبع آزمائي ڪئي. چڪ ۾ پهريون ڀيرو ادبي چڻنگ ٻاري، صوفي شاعر عبدالعزيز شاهه بخاريءَ جي نسبت سان ‘العزيز ادبي انجمن’ جو قيام عمل ۾ آندو. ان کانپوءِ شاهه لطيف ادبي لائبريري سندس سهڪار سان قائم ٿي. چڪ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ٿيڻ بعد ان جو سرگرم ميمبر ۽ سيڪريٽري رهيو. اديب هجڻ سان گڏ پاڻ سماجي ڪارڪن جي حيثيت ۾ اهم سڃاڻپ رکي ٿو. چڪ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جو بنيادي ميمبر آهي ۽ ان سان گڏ ’چنا برادري ايسوسيئيشن‘ جو قيام عمل ۾ آندائين. ادبي ترقي ۽ شعوري جاڳرتا لاءِ مختلف تنظيمن پاران ڪرايل پروگرامن ۾ ليڪچر ڏيندو رهيو آهي. پاڻ 2004ع ۾ نوڪري تان رٽائر ٿيو، سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن جن ۾: انگريزي گرامر، قصيدي جي واهه ۽ واٽ (ترجمو 2001ع)، ڇڏ جهوري ڏي جهاٽ (سنڌي پهاڪا 2001ع)، خط ٻن استادن جا (ابراهيم جويو ۽ غلام علي چني وچ ۾ خط 2002ع)، ماسٽر مائينڊ محمد ابراهيم جويو- لطيف ثاني شيخ اياز، تقريرون (2005ع)، ڪم نج (ڪهاڻيون 2005ع)، سرهائي جي سوڀ (ترجمو 2005ع)، وکر ڌارو ڌار (مضمون 2005ع) شامل آهن. ان کانسواءِ سندس ڪيترائي اڻ ڇپيل ڪتاب وٽس موجود آهن. کيس ڪيل خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ پڻ مليا آهن، جن ۾ بهترين استاد جو اوارڊ 1997ع ۾ شاگرد يونين پاران بهترين استاد جو اوارڊ تعليم کاتي سکر پاران 2003ع شامل آهن.