غلام علي کوکر سوز
غلام علي کوکر ‘سوز’: مشهور قانوندان ۽ ليکڪ غلام علي کوکر، پهرين اپريل 1927ع تي سکر شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم سکر مان، مئٽرڪ 1941ع ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر معرفت بمبئي يونيورسٽيءَ مان سڄي سنڌ ۾ پهرئين نمبر ۾، انٽر 1943ع ۾ ڊي.جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ مان، ايل.ايل.بي 1945ع ۾ ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي. غلام علي کوکر تعليم مڪمل ڪرڻ بعد جيل کاتي ۾ ملازمت اختيار ڪئي. جنهن دوران سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قائم جيلن تي جيلر طور پنهنجا فرض سرانجام ڏنائين. ڪجهه عرصي بعد جج جو امتحان پاس ڪري جج مقرر ٿيو. ان دوران هن مختلف شهرن ۾ پنهنجا فرض سرانجام ڏنا. رٽائر ٿيڻ بعد هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ وڪالت جي پريڪٽس ڪري هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ سپريم ڪورٽ جي ناليواري وڪيل طور مشهور ٿيو.
غلام علي کوکر جي ادب سان پڻ دلچسپي رهي. هن شاعريءَ ۾ پنهنجو تخلص ’سوز‘ اختيار ڪيو. سندس شاعري، مقالا، افسانا 1940ع کان وٺي زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين سنڌ جي مختلف ادبي رسالن جي زينت بڻيا رهيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ڪهاڻين جو مجموعو ’نئون افق‘، نادره (ناول) ۽ انگريزي ڪتابن ۾: (1) Principles of Mathematics ۽ (2) Principles of Sindhi and English Grammar قابل ذڪر آهن.
غلام علي کوکر، فيبروري 2014ع ۾ وفات ڪئي.