غلام علي ڪلهوڙي جو مقبرو

غلام علي ڪلهوڙي جو مقبرو

غلام علي ڪلهوڙي جو مقبرو

غلام علي ڪلهوڙي جو مقبرو: هي مقبرو ميان نور محمد ڪلهوڙي جي قبرستان ڳوٺ ۽ ديهه ميان نور محمد، تعلقي دولت پور ۾ آهي. هن مقبري جي ڏکڻ ۾ نم جو ڳوٺ هڪ ڪلوميٽر، بند ڪي ڪئنال اوڀر ۾ هڪ ڪلوميٽر، مقيم ڏاهريءَ جو ڳوٺ 2 ڪلوميٽر اولهه ۾ ۽ مورو شهر هتان کان 16 ڪلوميٽر پري آهي. ماڳ 260 32’50’’ ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 680 04’05’’ ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. مقبرو ڊيگهه ۾ 4.30 ميٽر اوڀر اولهه، ويڪر ۾ 4.3 ميٽر اتر ڏکن ۽ اوچائي 5 ميٽر اٿس. مقبرو پڪين سرن ۽ گچ گاري سان اوساريل آهي. مقبرو رٿ ۾ چورس آهي. هي مقبرو غلام علي خان ولد ميان عارف خان ڪلهوڙي جو آهي، جيڪو ڪلهوڙي حڪمران ميان عبدالنبيءَ جو پوٽو هو. مقبري کي دروازو مستطيل نموني جو ڏکڻ طرف ڏنل آهي. دروازي جي هر پاسي ٻه پانيل ڏنل آهن. مقبري کي دري وچ تي اتر واري پاسي ڏنل آهي. مقبري جا چارئي پاسا پانيلن سان هڪجهڙا سنواريل آهن. مهاڙيءَ وٽ ٻيڙٻني تي ڪنگرين جي قطار آهي. سا به مقبري کي چوڦير ڦري اچي ٿي. مقبري جي ڇت محرابي (vaulated roof) آهي، جنهن جي وچ تي ڪوڻي جو ابتو گل ٺهيل آهي، جنهن جي ڪلسي جي چوٽي ٽٽي پئي آهي. مقبرو چن سان لنبيل آهي. غلام علي جي مقبري جو اندريون ڀتيون پانيلن سان سينگاريل آهن. هر ڀت تي کڻائتا پانيل (recessed panel) ڏنل آهن. اتر ۽ اولهه واري ديوار تي ونگن سان پانيل ٺهيل آهن. جڏهن ته اوڀر واري پاسي کليل ونگون ڏنل آهن، جيڪي وري ڀر واري مقبري سان مليل آهن. اندر مقبري ۾ ٻه قبرون آهن. اندازو آهي ته هي مقبرو ميرن جي دور ۾ ٺهيو هوندو. هن وقت مقبرو ضروري مرمت گهري ٿو، نه ته ڪِري پوندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو