غلام عمر آريجو

غلام عمر آريجو: مشهور عالم ۽ شاعر قاضي غلام عمر آريجي، ڳوٺ آريجا، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 26 اپريل 1850ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو محمد عثمان هو. هي اڃا ٽن ورهين جو هو ته سندس والد وفات ڪئي. هن ابتدائي تعليم ڳوٺ سهڙا ڍورائيءَ ۾ تڏهوڪي مشهور عالم مولوي الله بخش کوهاري کان ورتي. ٻارنهن سالن جي عمر ۾ سڪندرنامي تائين تعليم حاصل ڪري فارسيءَ ۾ چڱي دسترس حاصل ڪيائين. هن جا اکر تمام سٺا ۽ سهڻا هئا. ڪيترائي ماڻهو هن کان ڪتاب نقل ڪرائيندا هئا ۽ سندس شمار ان وقت جي وڏن ڪاتبن ۽ خوشنويسن ۾ ٿيندو هو. اڳتي هلي هن حڪمت پڙهڻ جو ارادو ڪيو. کيس طب جي تعليم ڏيارڻ لاءِ ڳوٺ ترائي ڪماريو، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي سکر جي مولوي عبدالرزاق قاضيءَ وٽ موڪليو ويو، جتان هي طب جي مڪمل تعليم پرائي ڳوٺ موٽي آيو. ان کانپوءِ هن وري پنهنجي پهرئين استاد وٽان ڪجهه عربي تعليم به حاصل ڪئي ۽ پوءِ ڳوٺ فاضل ڪلهوڙي ۾ اچي درسگاهه کوليائين ۽ شاگردن کي فارسيءَ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين، جلد ئي اتي پنهنجو شفاخانو به کوليائين. ڏهه سال ان ڳوٺ ۾ هن دواخانو ۽ مدرسو هلايو. پوءِ ڳوٺ ‘نئين گڏ’ ۾ اچي رهيو ۽ اتي ٻارن کي فارسي جي تعليم ڏنائين. پنج سال اتي به رهيو ۽ پوءِ پنهنجي ڳوٺ آريجا اچي دواخانو کوليائين. هي شاعر ۽ نثر نويس به هو. فارسيءَ ۽ خوشخطيءَ ۾ سندس وڏي شهرت هئي. فارسي ۽ سنڌي نثر ۾ ڪجهه رسالا لکيائين ۽ ترجما ڪيائين. ان کانسواءِ سنڌي، سرائيڪي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ ڪيترائي شعر چيائين، خاص طرح فارسيءَ ۾ تمام گهڻو شعر چيائين، جنهن مان گهڻو ضايع ٿي ويل آهي. هن فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ جيڪي رسالا لکيا ۽ ترجما ڪيا، اهي طب، قيافه، رمل ۽ ابجد بابت آهن. هن شيخ سعديءَ جي مشهور ڪتاب ‘ڪريما’ جي تتبع ۾ ‘ڪريما مخمس’ نالي ڪتاب لکيو، جيڪو زبان ۽ بيان جي نقطئه نگاهه کان اعلى درجي جو نظم آهي ۽ قلمي حالت ۾ سندس پوين وٽ محفوط آهي. هن جا فارسي نظم ۽ غزل به ملن ٿا. سندس سنڌي شعر عروضي قالب ۾ به آهي ته بيتن ۽ ڪافين ۾ به آهي. هن مداحون، مناجاتون، مولود ۽ نعتون به چيون آهن ته ڪافين، بيتن ۽ غزلن ۾ حسن و عشق ۽ فراق ۽ وصال جو به ذڪر ڪيو آهي. هن ان وقت جي سياسي، سماجي ۽ اخلاقي بيداري آڻڻ لاءِ به شعر چيا آهن. قطع تاريخ لکڻ ۾ به کيس وڏي مهارت حاصل هئي. هن 9 فيبروري 1931ع تي وفات ڪئي.


لفظ غلام عمر آريجوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو